پني عاقل لڳ هٿياربندن جي فائرنگ، ڀاڻيجو قتل، مامو زخمي

پنوعاقل (ت ر) ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوچيئر لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ڇھن ھٿياربندن ٽريڪٽر تي گھر ڳوٺ جان محمد مھر واپس ويندڙ مامو ڀاڻيجي مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنھن  جي نتيجي ۾ قيصر مھر ۽ جان محمد عرف جاني مھر سخت زخمي ٿي پيا ٻنھي زخمين کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي آيا پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي زخمين کي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو زخمين جا وارث ٻنھي زخمين کي اسپتال کڻائي وڃي رھيا ھُئا ته ھڪ نوجوان 28 ورھين جي قيصر مھر رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو تعلقا اسپتال پنوعاقل ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش ۽ زخمي کي ڳوٺ آندو ويو ته سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.  مارجي ويل نوجوان ماءُ پيءُ ۽ نو ڀيڻن اڪيلو ڀاءُ ھو مقتول کي ٽن ٻارن جو اولاد ۽ اڪيلو ڪمائڻ وارو ھيو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان جان محمد مھر جو چوڻ ھو ته سومرو مھر رموجو ۽ ايوب رڪناڻي مھر ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ آھي ان تڪرار سان اسانجو ڪوبه واسطو ناھي ناحق ڪيو ويو آھي مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالوھاب پتافي رابطي تي ٻُڌايو آھي ته مھر ذات جي ٻن پاڙن رموجن ۽ رڪناڻين ۾ پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ ٽي ڄڻا الھوسايو محمد اسحاق ۽ صوف مھر اڳ ئي قتل ٿيل آھن ٻيھر ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ ڪري ھڪ نوجوان مارجي ويو آھي ۽ ٻيو زخمي ٿيو آھي اين سي داخل ڪري ڇڏي آھي باقي وڌيڪ جاچ ڪري رھيون آھيان نوجوان جي مارجي وڃڻ واري خبر سان علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي آھي وڌيڪ خونريزي جو به خطرو ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.