نصير آباد ۾ استاد تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ڌرڻو

نصيرآباد( ن ع آ )  2 ڏينھن اڳ ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ آڏي جاگير واسي پرائمري استاد منظور ڪلھوڙو جي  وارثن مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت مسمات اشرف، مسمات ،ناز خاتون،عبدالستار ۽ ٻين قرآن شريف مٿن تي کڻي  قاضي پيٽرول پمپ لڳ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي سبب ٻنھي طرفن کان ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي زخمي منظور ڪلھوڙو جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ايف آئي آر داخل ھجڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، ملوث جوابدار ڳوٺ ۾ مورچا بند ٿي ويھي رھيا آھن ۽ اسان کي ڌمڪيون پيا ڏين، ھنن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان دوران نصيرآباد پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻو ھڻندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.