چانڊڪا ۾ منهن ماري تي تيماردار گرفتار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي سان  منهن ماري جي الزام هيٺ مريض جي تيماداريءَ لاءِ آيل بلوچستان جي شهر اوستاد محمد ڀرسان جعفر آباد واسي حافظ عبدالرحيم لهڙي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو. ان حوالي سان گرفتار همراهه جي وارثن محمد صادق لهڙي اسپتال ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پيرسن سئوٽ باغ علي لهڙي دماغي غدود واري بيماري ۾ مبتلا آهي ڪراچي مان آپريشن بعد ڪالهه حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ جي ڪري کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته اڄ اسپتال جي ڊسپينسر باغ علي کي لڳل ٿيلهي سان حرڪت ڪئي جنهن تي اسان کيس منع ڪئي ان دوران ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪرڻ تي پوليس پهچي حافظ عبدالرحيم لهڙي کي گرفتار ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻو پوليس کان مطالبو ڪيو ته گرفتار همراهه کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه جي مداخلت تي گرفتار همراهه کي ڪجهه دير کان بعد آزاد پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.