راڳي اسلم فقير جو اسلام ڪوٽ ۾صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج جاري

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ شهر جي فقير پاڙي جي رهواسي ۽ نوجوان راڳي اسلم فقير پاران ڀائرن سان گڏ گٽر نالي نہ ٺهڻ خلاف  پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ ڪالھ ٻئي ڏينهن بہ جاري رهي،اُنهي سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي،شاعر الماس نهڙي،راجا اڻنڌاڻي،سيد ڀورل شاھ،غلام رسول شاھ،ديدار لنجو ۽ ٻين پهچي احتجاج ۾ شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جتي ڳالھائيندي اسلم فقير چيو تہ آئون پنهنجن گهرڀاتين سان گڏ بهتر زندگي گذارڻ ۽ جيئڻ خاطر مجبورن بک هڙتال تي ويٺل آهيان،منهنجي گهر اڳيان گٽرن جو پاڻي سمنڊ وانگر بيٺل هجي ٿو،جتان ڪو بہ ننڍو توڙي وڏو گذري نہ ٿو سگهي،آئون مسلسل ٽن سالن کان دانهون ڪري رهيو آهيان تہ گٽر نالي ٺهرائي ڏني وڃي تہ جئين گندگي نہ ٿئي،پر هتان جي انتظاميا ڪابہ دانهن نہ ٿي ٻُڌي،رڳو آسرن ۾ ٽائيم پاس ڪيو پيو وڃي،منهنجو اگر ڪو ڏوھ هجي تہ بہ مونکي ٻُڌايو وڃي،آخر ڪا چند فوٽن جي نالي ڇو نہ ٿي ٺهرائي ڏني وڃي، اڳيان گٽرنالا ٺهيا پيا آهن پر منهنجي گهر ۽ ٻين آسپاس گهرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي،آئون هڪ فنڪار آهيان،جيڪو پنهنجي فن کي ڇڏي ٻن ڏينهن کان بک هڙتال واري ڪئمپ تي موجود آهيان پر انتظاميا ڪوبہ نوٽيس ناهي ورتو،منهنجو سادو ۽ هڪ ننڍڙو جائز مطالبو آهي تہ مونکي بس گٽرنالي ٺهرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.