ڊکڻ لڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي تدفين، 3 ڄڻا گرفتار

ڊکڻ( ن ع آ )  ڊکڻ لڳ نبي شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان ککراڻي ۾ واري جي دڙن تان مٽي کڻڻ جي جي مسئلي تان ککراڻي برادري  جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي جي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ هٿيارن جي سخت پهري هيٺ تدفين ڪئي وئي آهي،جڏهن ته نبي شاھ پوليس مقتول عبداللطيف ککراڻي جو قتل ڪيس مقتول جي گهرواري گوهر خاتون ککراڻي جي فرياد تي ڌر علي دوست ککراڻي جي علي دوست ککراڻي،بدر ککراڻي سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،هوڏانهن ايس ايڇ او نبي شاھ جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌر علي دوست ککراڻي جي گهرن تي چڙهائي ڪئي،جتي پوليس گهر گهر تلاشي ورتي،جتان پوليس شڪ جي بنياد تي  ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏوگڏ 2 موٽرسائيڪلون ڪاهي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.