ڪنري ۾ ڪارروائي، سگريٽن جا 360 ڪارٽون هٿ

ڪنري (ت ر) ڪسٽم انٽيليجينٽس انويسٽيگيشن انلينڊ روينيو حيدرآباد جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر علي دوست جي سربراھي ۾  ڪنري پوليس سان گڏ خفيه اطلاع تي ڪنري جي مشھور واپاري سيٺ خوشحال داس مالھي جي دڪان ۽ گودام تي ڇاپو ھنيو، ٽيم ڇاپي دوران مختلف ڪمپنين جي سگريٽن جا 352 ڪارٽون برآمد ڪري ورتا، برآمد ڪيل سگريٽن جي ماليت تقريبن ھڪ ڪروڙ ٻڌائي پئي وڃي، ٽيم ٻي ڪاروائي دوران ڪولھي بازار ۾ ڀرت مالھي جي دڪان تي ڇاپو ھڻي غير ملڪي مختلف سگريٽن جا 8 ڪارٽون پنھنجي تحويل ۾ ورتا، جنھن بعد ٽيم برآمد ڪيل سگريٽن کي سوزوڪي ۽ مزدا گاڏين ۾ لوڊ ڪري حيدرآباد کڻي وئي، ڇاپي دوران ٽيم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي دوست ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سگريٽن جي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس ادا نه ٿيل آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.