مديجي لڳ جهيڙي دوران نينگر زخمي، احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ جتن جي ڪڙي ۾ معمولي ڳالهه تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو  ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان ڏاٽن ۽ لٺين سان حملو ڪري ڏنو,جنهن دوران 10 ورهين جو معصوم نينگر سليمان پٽ عبدالرحمان جمالي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن کڻائي ڳاهيجا ٿاڻي تي پهچايو,جتان کيس ليٽر ڏئي زخمي کي تعلقي اسپتال مدئجي نيو ويو,جتي زخمي نينگر کي علاج بعد فارغ ڪيو ويو,ان سلسلي ۾ جمالي برادري جي هڪ ڌر جي ماڻهن عبدالرحمان جمالي,نديم جمالي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پنهنجي برادري جي ماڻهن حملو ڪري اسان جي معصوم نينگر کي زخمي ڪيو آهي جن خلاف ڳاهيجا پوليس وٽ دانهين ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي, کين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پوليس جو چوڻ هوته جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن دوران نينگر زخمي ٿيو آهي,وارثن اين سي داخل ڪرائي آهي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.