آخر ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو ذميوار ڪير آهي؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو  سرمائيدارن کي به مهانگائي تي روئڻو پئجي رهيو آهي، واپاري توڙ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت به مهانگائي جي سٽ سهي نه سگهيو آهي، هاري توڙي زميندار به ٻج ۽ ڀاڻ جا اگهه وڌي وڃڻ جي ڪري تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيا آهن، پر موجود حڪومت مخالف ڌر تي الزام هڻي پنهنجو فرض پورو سمجهي رهي آهي، جڏهن به ڪو حڪومت کان وڌندڙ مهانگائي بابت سوال ڪندو آهي ته رڳو هڪ ئي جواب ملڻ ۾ ايندو آهي ته ماضي جا حڪمران چور هئا،جنهن سبب مهانگائي وڌي وئي آهي پر جڏهن انهن مبينا چورن جي حڪومت هوندي هئي ته واپار به هلي رهيو آهي، عام ماڻهو به پنهنجي روزگار سان لڳل هو پر جڏهن کان سرٽيفڪيٽ مليل صادق ۽ امين جي حڪومت آئي آهي، هر روز ڪا نه ڪا شيءَ مهانگي ٿيندي پئي وڃي، ڊالر کي پر به لڳي ويا آهن، پر تبديلي جو نعرو هڻندڙ ن جو چوڻ آهي ته ڀلي ڊالر 2 سئو روپين تائين پهچي وڃي پر پاڪستان جو روپيو اڳ جيان روپيو ئي رهندو، ان جو مُلهه نه گهٽبو، منهنجي خيال ۾ هو سچ ئي چئي رهيا هوندا، ڇاڪاڻ ته روپيو ته روپيو ئي رهندو نه لک ته ڪو نه ٿيندو.

بهرحال ملڪ ۾ تبديلي اچڻ کانپوءِ ڊالر جا اگهه وڌيا ته عمران خان به بي خبر هو، کيس خبر ئي نه هو ته ڊالر جو به اگهه وڌيو ويو آهي، جڏهن وزيراعظم عمران خان ڊالر جا اگهه وڌڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو ته ڊالر بلند ترين سطح تي  پهچي ويو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ بحرانن جو سلسو شروع ٿيو، ڪڏهن کنڊ جو بحران ته ڪڏهن وري اٽي جي بحران جي ڪري وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس وٺڻو پيو،  هن ڀيري به نوٽيس وٺڻ سان کنڊ سئو  تائين پهچي وئي، غريب ماڻهو کنڊ ته ڇا عام واهپي جي شين جي  وڌندڙ اگهن سبب پريشان ٿي ويا،  پر قوم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ذخيرو ڪندڙ عنصرن جي ڪري اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو  آهي، جن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ کنڊ ڪميشن بڻائي وئي، جنهن اهم انڪشاف ڪيا پر  ڪارروائي ايئن ٿي، جنهن بابت ماڻهن ڪڏهن سوچيو ئي نه هو، اپوزيشن اڳواڻن توڙي حڪومتي نمائندن جي مٽن ۽ مائٽن جون به شگر فيڪٽريون نڪري پيون، جن تي به اهو الزام لڳايو ويو ته انهن به کنڊ ذخيرو ڪيو آهي.

اٽي بحران بابت چيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو  آهي پر ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان اسان جي پاڙيسري ملڪ کي ڪڻڪ امداد طور ڏئي چڪو هو، اها ڪڻڪ ان وقت امداد طور افغانستان کي ڏني وئي، جڏهن سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب فوت ٿي رهيا هئا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جو ملڪ دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جنهن ڪو اهڙو ملڪ نه ڇڏيو هوندو، جنهن کان قرض کنيو هوندو، اسان جو ملڪ سڀ کان وڌيڪ قرضي آهي جيڪا به حڪومت ايندي آهي، رڳو انهن جو ٽاسڪ قرض کڻڻ هوندو آهي، ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين اهو ناهي سوچيو ته اهو قرض لهندو ڪئين؟  جيڪڏهن اسان  جا حڪمران ملڪ جي ترقي چاهين ها ته جيڪو قرض کنيو ويو ان سان روزگار جا ذريعا پيدا ڪن ها ته جيئن ملڪ جو قرض به لهي سگهي ۽ عوام جو مسقبل به روشن ٿئي پر هتي ڪا خبر ئي نه ٿي پئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪو به قرض ورتو ويو، اهو آخر ڪٿي خرچ ٿيو ۽ ڪيترو قرض لاٿو ويو، جيڪڏهن ان قرض جي آڊٽ ٿئي ته اڇا ڪارا سامهون اچي ويندا پر اهو ممڪن ناهي، پر هاڻ حڪمرانن کي سوچڻو پوندو ته وڌيڪ قرض ناهي کڻڻو، ڇاڪاڻ ته جيڪا به حڪومت ايندي آهي ترقي جي نالي قرض کڻندي آهي پر انهن جا شروع ڪيل اهي منصوبا پورا ٿيندا به ناهن ته انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو آهي پوءِ انهن کان ڪو پڇڻ وارو به نه هوندو آهي ته آخر اهي پئسا ويا ته ويا ڪاڏي؟

جيئن ته ڳالهه هلي رهي هئي مهانگائي جي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مهانگائي جي ڪري غريبن سان گڏ سرمائيدارن جي به چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، جن کي تبديلي جي نعري سان محبت هئي، اهي هاڻي تبديلي جو  لفظ ٻڌڻ کانپوءِ پريشان ٿي وڃن ته جيئن تبديلي نه ٿي ڪا قدرتي آفت ٿي،،،!! هي ڀيرو آهي جو واپاري طبقو به پريشان ٿي پراڻي پاڪستان ۾ وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪري رهيو آهي ۽ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر ميان محمد نوازشريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ياد ڪرڻ لڳا آهن، ايتري قدر جو جڏهن به وزيراعظم عمران خان ڪنهن معاملي تي نوٽيس وٺندو آهي ته به  عوام پريشان ٿي ويندو آهي، ته الائي سڀاڻي ڪهڙي شيءَ جو بحران ٿيندو الائي ڪهڙي شيءَ مهانگي ٿيندي، هن وقت بجلي جا اگهه به ماضي جي حڪومتن کان ٻيڻ تي وڌايا ويا آهن، گئس  جا اگهه وڌائڻ سان گڏ حڪومت اهو به چيو ته ڪافي عرصي کان گئس جا اگهه نه وڌيا جنهن سبب انهن کي وڌايو ويو آهي، اڳ گئس جو بل ٻه ٽي سئو ايندو هو پر هاڻ اهو هزار کان چڙهي ويو آهي، جڏهن چور حڪمران هوندا هئا ته ان وقت بجلي جو بل هزار ، 12 سئو مس ايندو هو، هاڻ پنج هزار کان  به ڳالهه چڙهيل آهي، غريب ماڻهو جيڪو پنج سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائيندو آهي، اهو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو يا وري بجلي ۽ گئس جا بل ڀريندو، موبائل ڪمپنين جي ته ڳالهه ئي چوٽ کان چڙهيل آهي، صارفين لاءِ ڪال جا اگهه وڌائڻ سان گڏ بيلنس ڪاٽڻ جو به سلسلو شرو ڪيو ويو آهي، ڪو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجو بيلنس چيڪ ڪندو ته ان تي به لڳ ڀڳ هڪ روپيو ڪاٽجي ويندو  آهي، انهيءَ جي ڪري ماڻهو بيلنس ئي ناهن چيڪ ڪندا، ۽ موبائل ڪمپنين وارا ٽيڪس جي نالي تي روزانو هڪ روپيو صارفين جو ڪاٽي ڇڏيندا آهن ۽ ان کي ڪا خبر به ناهي پوندي، ڇاڪاڻ غريب صارفين کي خوف هوندو آهي ته 50 روپيا لوڊ ڪرايا آهن متان هڪ روپيو ڪاٽجي وڃي،

ايئن اهي موبائل ڪمپنين وارا ڪروڙين غريب ماڻهن جو بيلنس ڪاٽي ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو بيلنس چيڪ ڪرڻ تي پئسا ته نه ڪاٽيا وڃن ها، جيڪڏهن ڪو بيلنس ڪاٽڻ جي شڪايت  موبائل ڪمپنين کي ڪندو آهي ته ان تي پنج روپيا کن ڪاٽجي ويندا آهن ۽ ڪلاڪ کان پوءِ ڪو فون کڻندو آهي، وڏي عزت سان چوندو آهي ته سر اوهان ڪجهه ڏينهن پهرين پيڪيج ڪيو هو، جنهن سبب اوهان جا روزاني جي بنياد تي پئسا ڪٽجي وڃن ٿا، چوڻ جو مطلب ته چور حڪمران جڏهن هئا ته گهٽ ۾ گهٽ غريب صارفين پنهنجو 50 روپين وارو بيلنس فري چيڪ ڪندو هو پر هي سرٽيفڪيٽ يافته صادق ۽ امين  آهن، انهن جي دور ۾ کنڊ 40 کان 100 تائين پهتي آهي، اٽو 30 کان 75 روپيا ملي رهيو آهي پر تبديلي پسند چئي رهيا آهن ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پرڏيهه مان به ماڻهو روزگار ڪرڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن.اهو اسان نه پر موجوده حڪمران چئي رهيا آهن پر سڀ ڪجهه انهن جي ڳالهين جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ لکين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن پر افسوس جو حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

جڏهن رات  جي پهر ۾ ڊالر مهانگو ٿي وڃي ۽ قوم جي  رکيل رقم جو ملهه گهٽايو وڃي ته اهو ڌاڙو نه چئبو ته پوءِ ڇا چئبو، ماڻهو پاڪستاني ڪرنسي ان ڪري ئي رکندو آهي ته هو هن ملڪ ۾ رهي ٿو، ۽ انهن کي يقين هوندو آهي ته انهن جي امانت ۾ خيانت نه ٿيندي پر بينڪن ۾ رکيل ماڻهن جي پئسن جو مُلهه رات جي اونداهي ۾ گهٽايو  وڃي ۽ انهن کي اهو به نه ٻڌايو وڃي ته ڊالر مهانگو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستاني روپيو جو مُلهه بنگلاديش جي پئسن کان گهٽجي رهيو آهي ته  ملڪي عوام جو نقصان ته ٿيندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به ڊالر مهانگو ٿيندو آهي، تڏهن ئي ملڪي ڪرنسي وارن کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ڪاروبار تي به اثر پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو سامان پرڏيهه مان ئي گهرائندا آهن، جيڪڏهن پرڏيهه مان ئي سامان مهانگو ايندو ته انهن شين جا اگهه به  وڌندا. هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي هڪ ڀيرو ڪا شيءَ مهانگي ٿي وڃي،  ان جو اگهه ٻيهر گهٽ ناهي ٿيندو، حڪومت کي گهرجي ته فوري طور  پاڪستاني روپيو جو مُلهه  وڌرائڻ  لاءِ قدم کڻن ۽ وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻين ته ملڪ جو عوام خوشحال ٿي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.