ڪنهن دَرِ ڏيان دانهڙي؟

ايڊيٽوريل

ميڊيا ۾ خبرون آهن لياريءَ جي نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ ڪو به صفائي ڪندڙ ملازم موجود نه آهي، جنهن سبب ڪاليج جي پرنسيپل پاران اهڙي شڪايت اختيارين سان ڪئي وئي آهي، پر ان جو ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي.

سوال اهو آهي ته ان کي انتظاميا چئي سگهبو ڇا؟ جنهن وٽ اهو اختيار به نه آهي ته اها ڪنهن ڪاليج جي ٻهاريدار کي به پابند ڪري سگهي ته هوجيئن ته ڪاليج جو ٻهاريدار آهي ان ڪري ڪنهن به طرح کيس ڊيوٽي ٽائيم تي ڪاليج ۾ موجود هجڻ گهرجي.

سوال اهو به آهي ته اهڙا ماڻهو انهن ئي سياسي وزيرن ۽ مشيرن جا ڀرتي ڪيل آهن جن ڪاليج جي مٿان نصرت ڀٽو نالو رکي سنڌي ماڻهن، واڌو لياريءَ رهواسين جي ان جذبات سان مذاق ڪئي آهي، جيڪا جذبات لياريءَ جي رهواسين جي ڀُٽي خاندان سان آهي.

سوال اهو به آهي ته، ڀُٽي خاندان جي نالي جو کٽيو کائيندڙ حڪمران سنڌي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ  وجهڻ جو هڪ سبب اهو به ڳولي ورتو ته ڪاليج جي مٿان ڪنهن به سنڌ جي اعليٰ تعليمدان يا تعليم ۾ غير معمولي خدمتون ڏيندڙ ڪنهن تعليمي ماهر جي اعتراف ۾ سندس نالو ڏيڻ بجاءِ محترمه نصرت ڀٽو جو نالو ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا اڄ جو تعليم جو وزير اهو ٻڌائي سگهندو ته نصرت ڀٽو صاحبه جون تعليم جي حوالي ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنل آهن.

سوال اهو به آهي، تعليم کاتي جي ڊي اي او پاران ڀرتي ڪيل، ٻهاريدارن جي بجاءِ وزيرن ۽ مشيرن پاران رشوت عيوض ڀرتي ڪيل چئين ٻهاريدارن مان هڪ به ڪاليج ۾ موجود نه هجڻ سبب انهن وزيرن ۽ صلاحڪارن مان ڪنهن به ڪو قدم کنيو آهي، اهي ڪو به اهڙو قدم کڻي سگهڻ جي لائق نه هوندا. ڇو ته ڀرتي ٿيل اهي ملازم يا ته رشوت عيوض ڀرتي ڪيل هوندا يا ته جيالي طور ڀرتي ڪيل هوندا ان ڪري انهن جو ڪاليج ۾ موجود هجڻ ضروري نه آهي پر پڪ سان اُهي انهن وزيرن ۽ مشيرن جي بنگلن تي چوويهه ئي ڪلاڪ موجود هوندا ڇو ته نوڪري کين انهن وٺي ڏني آهي ان ڪري هو اتي ئي حاضر هوندا.

نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ ٻهاريدارن جي لاڳيتو نه هجڻ سبب پرنسيپل صاحب ۽ معزز استاد پاران ڪاليج جي صفائيءَ جي فقط خبر نه آهي، سوشل ميڊيا تي اهڙي ويڊيو پڻ وائرل ٿي آهي ۽ ميڊيا تي فوٽو پڻ اخبارن جي زينت بڻيل آهن.

سوال هيءُ آهي ته اڄ جو تعليم وارو وزير پاڻ به ڪنهن استاد وٽ پڙهيو هوندو،لياري ڪاليج انتظاميا جي شڪايت تي جيڪڏهن سندن ڀرتي ڪيل جيالا ڊيوٽيءَ تي موجود نه آهن ته استادن پاران ٻهاري ڏيڻ کان اهو بهتر نه هئو  ته هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ تعليم وارو وزير اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪري، استادن جي مرتبي کي مڃتا ڏئي ها! ايئن هو پنهنجي وڏائي ثابت به ڪري ها ۽ پنهنجي اڳواڻ نصرت ڀٽو صاحبه جي عزت به وڌائي ها ۽ عام ماڻهن ۾ پنهنجي نمائش به ڪري ها؟

سوال هي آهي ته، ڪاليج جي انتظاميا کان تعليم جي وزارت تائين اهڙو ڪو به باڪردار، صاف شفاف، عملدار نه آهي جيڪو ڪاليج جي ملازم طور ڀرتي ٿيل جيالن/رشوت عيوض ڀرتي ٿيلن کي قانوني، اخلاقي، اصولي طور ڊيوٽيءَ تي پابند ڪرڻ جو مجاز هجي؟

سوال هيءُ آهي ته، اهي سڀ ڪم جنهن انتظاميا کي ڪرڻا آهن اها انتطاميا ڪنهن ڏانهن جوابدار آهي، ڪنهن جي پئسن مان پگهار کڻي ٿي،  ڪهڙو ۽ ڪنهن جو ڪم ڪري ٿي جيڪا هڪ ڪاليج جي ٻهاريدار کان ڏنل پگهار عيوض به ڪم وٺي نٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ايئن ڪرڻ جي منجهس صلاحيت نه آهي ته اخلاقي طور ان جي اُتي موجود هجڻ جو سبب ڪهڙوآهي؟

سوال هيءُ ته، استاد ڪنهن به سماج جو احترام لائق طبقو آهي، تعليمي ادارن ۾ سياسي ڀرتيون ڪري انهن جي آبروءَ سان مذاق نه ڪيو وڃي. نظام کي درست ڪيو وڃي سنڌ جي تعليم مختلف حوالن ۾ اڳ ئي تباهيءَ جي ڪناري پهتل آهي. انهيءَ جي باقي بچيل عزت کي به ايئن نيلام نه ڪيو وڃي.

سنڌ واسي اهو به ڄاڻن ٿا ته نصرت ڀٽو صاحبه جي نالي هيٺ ان ڪاليج جي ملازمن جي پهچ ڪاليج جي انتظاميا کان مٿي هوندي، ان ڪري اسان جي گذارش تعليم کاتي واري وزير صاحب کي آهي ته هو پنهنجي وزارت ۾ ٿيندڙ اهڙي قسم جي ننڍين ننڍين زيادتين ڏي به توجهه ڏئي.

ڏٺو ته اهو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جا مڙئي ڳالهائيندڙ وزير صاحب فقط پنهنجا، پنهنجي پارٽيءَ توڻي حڪومت جا مسئلا اسان کي ميڊيا ذريعي ٻڌائي رهيا آهن پر  اهي عوام جا مسئلا جيڪي کين حل ڪرڻا آهن انهن کي بلڪل نظرانداز ڪري رهيا آهن، ڄڻ ڪجهه ٿي ئي نه رهيو آهي. اسان کي ايترو ئي چوڻو آهي. ٻڌڻو انهن کي آهي، جيڪي حڪمراني ڪري رهيا آهن. سڀ ڪجهه ٺيڪ انهن کي ڪرڻو آهي، جيڪي بظاهر ناٺيڪ کي به ٺيڪ چئي رهيا آهن.

سنڌ جا حڪمران وفاق جي جهيڙي جي آڙ ۾ شايد سنڌي ماڻهن کي ڳالهيون کارائي انهن جو پيٽ ڀري رهيا آهن يا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چواڻي. وڏي هڪ امتحان خاطر، ڇڏي ڏي امتحانن کي، ٻڌائي سنڌ واسين کي خوش ڪري رهيا آهن پر اهڙي خوشفهمي استادن پاران ڪاليج ۾ ٻهاري ڏيڻ وارو عمل دور نه ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.