ٻيٽن جو مامرو ۽ پ پ پ جو موقف !

مسرور سيال

وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي آرڊيننس جي ذريعي ڏاڍ ڪري قبضي ڪرڻ واري سوچ خلاف سنڌ جاڳي پئي آهي، سنڌ جون سياسي ڌريون متحرڪ ٿي ويون آھن نه رڳو متحرڪ پر سڀئي گڏجي جدوجھد ڪرڻ لاءِ پڻ اڳڀريون نظر پيون اچن . وفاق جي ھن حملي تي سنڌ جي احتجاج جو رد عمل سامھون به اچي ويو آھي، سنڌ حڪومت جي ڪابينا جو ھنگامي اجلاس گھرايو ويو ۽ غور ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته وفاق جو آرڊيننس غير قانوني، غير آئيني آهي . سنڌ حڪومت جي ترجمان وھاب صديقيءَ  ۽ اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ٿي  ۽ ڏنل اين او سي کي به واپس وٺي ٿي وفاق مشاورت ڪرڻ بنا آرڊيننس جاري ڪيو جڏھن  ته ھن مامري تي صدارتي آرڊيننس جي ڪابه ضرورت نه ھئي .

ڳالهھ اھا آھي ته پ پ پ پنھنجي روايتي انداز موجب ھن دفعي به پاڻ کي آجو ڪرڻ  جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي، جڏھن ته ڳجهھ ڳوھ ۾ وفاق کي اجازت نامو به ڏنو ويو اھڙي نموني 2 سيپٽمبر 2020ع  تي آرڊيننس جاري ڪيو ويو ۽ ڳجھو رکيو ويو ڇا ھن آرڊيننس بابت سنڌ حڪومت کي خبر نه ھئي ؟ اھو ٿي ئي نٿو سگھي ته سنڌ حڪومت کي خبر نه ھجي ، خير! خبر نه به ھجي پر سوال ھي   پنھنجي جاءِ تي موجود رھندو ته سنڌ حڪومت اھڙي اجازت ڇو ڏني ۽ ان کي ڳجھو ڇو رکيو ؟ تنھن جي معنيٰ ته جھڙي نموني وفاق سنڌ تي راتاهو پيو ھڻي تھڙي طرح   سنڌ حڪومت ان عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ثابت ٿي آھي ۽ اھا حقيقت به آھي ته ھنن سنڌ جي رد عمل اڳيان گوڏا کوڙيا آهن !جيڪڏھن رد عمل نه اچي ھا ته سنڌ حڪومت به وفاق جيان اھو راڳ آلاپي ھا ته ھنن ترقي لاءِ وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آھي . ھاڻ جڏھن پ پ پ پنھنجي مجرماڻي خاموشي ٽوڙي آھي، آرڊيننس کي غير قانوني غير آئيني قرار ڏئي رد ڪيو آھي ۽ ڏنل اين او سي به واپس ورتي آھي ته مامرو ھاڻ سڌو ٿي بيٺو آھي، تنھن ھوندي به پ پ پ جي اھڙي سنڌ دشمن منصوبي لاءِ ڏنل اجازت نامي جو جواب سنڌ جي عوام کي ڏيڻو پوندو، حڪومت کي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻي پوندي ۽ اڳتي اھڙي ڪنھن به سازش جو حصو نه ٿيڻ جو اعتماد ڏيڻو پوندو .

ھن وقت سوال پ پ پ کان ٿيندو، سنڌ حڪومت کان ٿيندو ۽ کين روايتي جواب به ڏيڻو نه پوندو، سنڌ جي عوام جي سجاڳيءَ کي چٽو پٽو حقيقت تي مبني جواب ڏيڻو پوندو ۽ حقيقت اھا آھي ته پ پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌ جا ٻيٽ کپائڻ لاءِ رٿابندي ڪيل ھئي پوءِ ھنن کي ان لاءِ مجبور ڪيو ويو يا ڪا لالچ ڏني وئي ھجي ٻنھي صورتن ۾ سنڌ جي عوام سان ويساھ گھاتي برابر آهي . ان جو حل رڳو اين اوسي واپس وٺڻ ناھي پر سنڌ جي عوام اڳيان اچي کانئن معافي وٺڻ پڻ آھي . ھن ۾ ڪو به شڪ ناھي ته پ پ پ پنھنجن ڪرتوتن سبب جن ڪيسن ۾ ڦاٿل آھي ۽ ڀوڳي رھي آھي انهن مان آجي ٿيڻ لاءِ کين لالچايو به ويو ھجي ته کين دٻاءُ  به وڌو  ويو ھجي .  اھڙي طرح ماضيءَ ۾ به پ پ پ کان سنڌ بابت اھڙا فيصلا ڪرايا ويا آھن جنھن جا ڪي چڱا نتيجا نه پ پ پ لاءِ نڪتا آهن نه وري سنڌ لاءِ نڪتا آھن ان جو مثال ذوالفقار آباد جھڙا منصوبه پڻ آھن .

پ پ پ اڳ ئي شڪي جوابدار جي حيثيت ماڻي ورتي آهي ان ڪري شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ کين عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو . اھو مظاھرو پريس ڪانفرنسز ذريعي نه پر اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪري آرڊيننس کي رد ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻي پوندي  ۽ کين اھا پڪ به ڏيڻي پوندي ته اڳتي اھڙا فيصلا نه ڪندي ان سان گڏ پ پ پ کي سنڌ جي عوام سان گڏ احتجاج ۾ اچڻو پوندو ان ڪري ته کين وري به  اڳي پوءِ سنڌ جي عوام وٽ واپس اچڻو آهي . پ پ جي چئيرمين  بلاول ڀٽو زرداري ٻيٽن تي وفاق جي قبضي کي مودي جي ڪشمير تي قبضي سان تشبيھه ڏني آھي، جيڪو سخت ۽ وقتائتو مضبوط موقف آھي پر بلاول ڀٽو زرداري کي اھو به پڇڻ گھرجي ته وفاق کي اجازت ڪنھن ڏني ظاھر آھي کيس ٻڌايو ويندو ته سنڌ حڪومت ڏني ۽ سنڌ حڪومت پ پ پ جي آھي  ته ! پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا مودي کي سنڌ تي اھڙي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ به ڏوھاري آھن يا نه ؟ جي ھا ته پوءِ ان جو جواب به کيس ئي ڏيڻو پوندو ته اھڙي اجازت ڇو ۽ ڇاجي ڪري ڏني وئي ؟ جيستائين ھي جواب نه ايندو تيستائين پ پ پ جو شڪي ڪردار باقي رھندو ڀل ته ٻيٽن جي آرڊيننس کي رد به ڪري ۽ اجازت نامو واپس به وٺي ڇڏي ، ان ھوندي به سنڌ جو عوام مطمئن نه ٿيندو جيستائين کين پڇيل سوالن جا درست جواب نٿا ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي عوام کان فوري معافي نٿي ورتي وڃي، تيستائين وفاق پاران ٻيٽن تي ناجائز قبضي کي موديءَ جي ڪشمير تي قبضي واري تشبيهھ جي وضاحت نه ٿي سگھندي . سنڌ حڪومت ان لاءِ سنڌ جي عوام کي وضاحت پيش ڪري ته ھوءَ ڪھڙين مجبورن سبب اھڙي سنڌ دشمن رٿا جو حصو بڻي ؟

سنڌ پنھنجي راڄ ڌاني ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جيان اٿلي پوندا ۽ پوري سنڌ ۾ ھڪ آواز ٿي احتجاج جو اھڙو ته رڪارڊ قائم ڪندا جو وفاق ۾ پي ٽي آءِ ان جي اتحادي حڪومت  کي ۽  سنڌ جي پ پ پ حڪومت کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ محبت ڪرڻ به ڄاڻي ٿه ته نفرت ڪرڻ به ڄاڻي ٿي سنڌ جي محبت توڙي نفرت جا مثال به قائم آھن جڏھن به نفرت ڪيائين ته ان کي وري ڪڏھن به محبت جي لائق نه سمجھائين ۽ جن سان محبت ڪيائين انھن کان نفرت کي ويجھو اچڻ نه ڏنائين ان ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ جي نفرت  کان بچو ۽ محبت کان نه ھٽو . سنڌ جي  اعتماد  ۽ سنڌ جي مفادن کي ڇيھو نه رسايو وڃي سنڌ جي ملڪيتن سان ھٿ چراند نه ڪئي وڃي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.