مولوي ڪارل مارڪس!

حامد مير

جڏهن ڪو چونڊيل وزيراعظم پنهنجي هر تقرير ۾ سياسي مخالفن کي ڌمڪيون ڏئي ۽ اهو تاثر ڏيڻ لڳي ته ادارن سان ان جو ڪو جهيڙو ناهي ۽ سمورا رياستي ادارا ان جي حمايت ڪري رهيا آهن ته اهو مطلب وٺڻ غلط نه ٿيندو ته وزيراعظم صاحب اندران ئي اندران عدم تحفظ جو شڪار آهي. وزيراعظم عمران خان ويجهڙ ڪيل پنهنجي هڪ تقرير ۾ نواز شريف جي ترجمان محمد زبير تي ايڏي گھڻي تنقيد ڪئي جو ان جا پنهنجا ساٿي به اچرج ۾ پئجي ويا.

محمد زبير ڪجھه ڏينهن اڳ جيو نيوز جي پروگرام “ڪيپيٽل ٽاڪ” ۾ مون سان ڳالهائيندي چيو هو ته جيڪڏهن ايراني انقلاب جو قائد امام خميني پرڏيهه ۾ ويهي ايران ۾ تبديلي آڻي سگھي ٿو ته نواز شريف به آڻي سگھي ٿو. عمران خان ان ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي محمد زبير تي ڪافي چٿرون ڪيون. عمران خان جا اهي طعنا ٻڌندي مون کي خدشو ٿيو ته هاڻي ڪجھه لمحن ۾ وزيراعظم پاڪستان پاران عطاءُ الحق قاسمي تي به حملو ٿيندو ڇو جو ڪجھه ڏينهن اڳ ئي هن به ڪارل مارڪس تي هڪ ڪالم لکيو هو.

قاسمي صاحب، ڪارل مارڪس ۽ نواز شريف ۾ هڪجهڙائي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي پر ان پنهنجي ڪالم ۾ مارڪس سان گڏ گڏ ان جي مشهور تحرير “داس ڪيپيٽل”  جو به ذڪر ڪيو، جيڪا روس ۾ انقلاب جو سبب بڻي ۽ ان تي اهو شڪ ڪري پيو سگھجي ته هو پاڪستان ۾ انقلابي سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪڌين ڪوششن ۾ مصروف آهي پر لڳي ٿو ته قاسمي صاحب جو اهو ڪالم حڪمران اشرافيه جي مٿان گذري ويو. جڏهن حڪمران اندران عدم تحفظ جو شڪار هجن ته ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳندا آهن۽ وڏيون وڏيون ڳالهيون انهن جي مٿان کان گذري وينديون آهن.

عطاءُ الحق قاسمي صاحب پنهنجي ڪالم ۾ صاف صاف لکيو آهي ته هو ڪارل مارڪس جي عظمت کي سلام ڪرڻ لنڊن ۾ ان جي قبر تي حاضري ڏئي چڪو آهي پر حڪمرانن کي سمجھه ۾ ئي نٿو اچي ته قاسمي صاحب جي نيت ڪهڙي آهي؟. ڪارل مارڪس سان ان جي زندگي ۾ اهڙا ڪي ئي واقعا ڪيترائي ڀيرا ٿيا جو اهو ننڍين ننڍين گستاخين تي پابندين ۽ جلا وطني جو شڪار ٿيو پر جڏهن هن “داس ڪيپٽل” لکي ته ان جي دشمنن کي سمجھه ۾ ئي نه آيو ته اهو ڪتاب سرمائيداراڻي نظام لاءِ هڪ مستقل خطرو بڻجي ويندو. اهو ڪتاب ان جي دشمنن جي مٿي تان گذري ويو. ان جي اها مزاحمت “داس ڪيپيٽل” جي صورت ۾ آڏو آئي جنهن کي ان اينگلز جي مدد سان لنڊن ۾ شايع ڪيو، ان ڪتاب کي برطانيا ۾ ڪا موٽ نه ملي، جڏهن ان ڪتاب جو روسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ روسي حڪومت جي سينسر بورڊ ان کي پاس ڪري ڇڏيو ته مارڪس ڏاڍو حيران ٿيو. ان جو ڪتاب روس جي ظالم حڪمرانن جي مٿي تان گذري ويو هو ۽ پوءِ ان ئي ڪتاب جي پيدا ڪيل شعور روس کي 1917ع ۾ انقلاب سان همڪنار ڪيو جنهن تي علامه اقبال چيو:

گيا دورِ سرمايه داري، گيا تماشا دکا ڪر مداري گيا.

ڪارل مارڪس جي ڪتاب “داس ڪيپيٽل” جي پاڪستان ۾ اشاعت جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. ان تاريخي ڪتاب جوا ردو ۾ ترجمو هڪ ڏکيو ڪم هو. باباءِ اردو مولوي عبدالحق ان ڪتاب کي ترجمو ڪرائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيو. آخرڪار هن اهو ڪم سيد محمد تقي صاحب کي ڏنو. اهو جنرل ايوب خان جو زمانو هو ۽ مولوي عبدالحق سرڪاري سرپرستي ۾ انجمنِ ترقي اردو هلائي رهيو هو. ترجمو مڪمل ٿي ويو ته مولوي عبدالحق جناح اسپتال ڪراچي جي اسپيشل وارڊ جي ڪمري نمبر 13 مان ڪتاب جو مختصر مهاڳ لکيو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ”داس ڪيپيٽل“ جو پهريون اردو ترجمو 1961ع ۾ انجمن ترقي اردو شايع ڪيو. ڪتاب شايع ٿيو ته باباءِ اردو لاڏاڻو ڪري چڪو هو ۽ انجمنِ ترقي اردو کي ڪمشنر ڪراچي هلائي رهيو هو. جڏهن ته انتظامي ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر رياض الحسن ۽ جميل الدين عالي شامل هئا. ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو ته ڪجھه ادارن حل ڪرڻ شروع ڪيو ته هي ڇا ٿي ويو؟ جيڪڏهن ڪتاب ضبط ڪن ها ته شايع ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوي ها. اصل شايع ڪندڙ ته لاڏاڻو ڪري چڪو هو ۽ ڪاغذي ناشر ڪمشنر ڪراچي هو ان ڪري خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ٻيهر اهو ترجمو شايع نه ڪيو ويو پر بعد ۾ سيد محمد تقي جي ان شاهڪار ترجمي کي دارلشعور لاهور شايع ڪيو ۽ ان جي ٽائيٽل تي ڪارل مارڪس جي تصوير به لڳائي.

اها تصوير ڏسي مارڪس تي ڪنهن مولانا هجڻ جو گمان ٿئي ٿو ڇو جو مارڪس جي ڏاڙهي تمام ڊگهي هئي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته “اقبال اور ڪارل مارڪس ڪا فڪري قرب و بُعد” تي هڪ تمام سٺو ڪتاب تازو ئي نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد به شايع ڪيو آهي. آسيه مير جي ان ڪتاب جي مطالعي سان خبر پوي ٿي ته هر انقلابي ڪنهن نظريي مان جنم وٺندو آهي ۽ نظريو حالتن مان جنم وٺي ٿو. انقلاب روس جو نظريو مارڪس لنڊن ۾ ويهي تحرير ڪيو ۽ لينن انقلاب روس جي قيادت ڪئي. انقلابِ ايران جو نظريو اصل ۾ ڊاڪٽر علي شريعتي جي تخليق هئي ۽ ڊاڪٽر علي شريعتي به اقبال مان متاثر هو. هن اقبال تي ٻه ڪتاب لکيا.

ان جي اجاڳر ڪيل شعور مان جنم وٺندڙ انقلاب جي قيادت امام خميني ڪئي جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ انقلاب جون ڳالهيون ڪن ٿا پهرين انهن کي دنيا جي انقلابن جي تاريخ پڙهڻ گھرجي ۽ ڪنهن نظريي کي پنهنجي سياست جي بنياد تي بڻائڻ گھرجي. پاڪستان ۾ پاور پاليٽڪس ٿي رهي آهي جنهن ۾ عمران خان، نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان هڪ ٻئي جي آڏو آهن. ان سياسي ويڙهه ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو واقعي اهم آهي پر ان نعري جي پويان ڪو پڪو نظريو ناهي جنهن ۾ غريب ۽ مزدور طبقي کي پنهنجي مسئلن جو حل نظر اچي.

پاڪستان ۾ تبديلي ۽ انقلاب جون حالتون موجود آهن، نظريو موجود ناهي ۽ جيڪي ماڻهو ڪنهن نظريي جا دعويدار آهن انهن جي قول ۽ فعل ۾ ٽڪراءُ آهي. انهن حالتن ۾ تبديلي جي ڪوشش هڪ اهڙو سياسي طوفان بڻجي سگھي ٿي جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي غرق ٿي وينديون ۽ پوئتي رهجي ويندو ڪو مولانا، جيڪو ڪارل مارڪس جو نظريو ته کڻي نه هلندو پر ان جي شڪل ڪارل مارڪس جهڙي هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.