سارين جي آبادگارن سان ويڌن ڇو !

پيار علي چانڊيو

سنڌ ۾ ٻين فصلن سان گڏ ساريالو فصل به سٺي ايراضيءَ تي ڪاھيو وڃي ٿو جنھن جو مرڪز اتر سنڌ جا مختلف علائقا آھن جن ۾ قمبر ، شهدادڪوٽ ، ڪنڌڪوٽ ، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور اچي وڃن ٿا، هنن ضلعن ۾ ھزارين ايڪڙن تي سارين جون مختلف جنسون پوکيون وڃن ٿيون جن ۾ ڪجهھ آڳاٽيون ۽ ڪجهھ پاڇاٽيون هونديون  آهن ، پاڻيءَ جي ڪلت باوجود سارين جا آبادگار مختلف مرحلن ۾ سخت تڪليفون برداشت ڪري به زمين ۾ ساريالي فصل جي پوکيءَ کي يقيني بڻائڻ ٿا ، شروعاتي دور ۾ ايري 6 جنس تمام گھڻي مقدار ۾ پوکي ويندي ھئي پر سنڌو درياءَ  سکر مان نڪرندڙ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي دير سان اچڻ يعني مئي مھيني بجاءِ جولاءِ ۾ اچڻ ڪري ايري 6 جنس آبادگارن ڪاھڻ ڇڏي ڏني ۽ ان جي جاءِ تي متبادل چائنه جون جنسون ڪاھڻ لڳا آھن جن جا ملھه آسمان تي پڻ پھتل آھن پر مجبورن آبادگارن کي سارين جو فصل اپائڻو پئي ٿو ، ساريالي فصل جي پوکائيءَ کان ويندي تيار ٿيڻ تائين سڀئي مرحلا حل ڪري جڏھن آبادگار سارين جي ديرن کي گڏ ڪري تيار ڪندو آھي ته وري واپارين ۽ ڪارخانيدارن جون من مستيون به شروع ٿي وينديون آھن ، سنڌ سرڪار جي سارين جي فصل ۾ عدم دلچسپيءَ سبب آبادگار گھوٽالي جو شڪار ٿي مجبورن واپارين جي منھن ۾ اچي فربا رھيا آھن ،

سارين جي واپارين جي به ھڪ ھٽي ڪيتري عرصي کان جاري ساري آھي ، جيڪي وقتن به وقتن آبادگارن کي مختلف طريقن سان گھاڻي ۾ پيڙي رھيا آھي ، سنڌ سرڪار طرفان سارين جو مقرر ريٽ نه ھجڻ ڪري ڪارخانيدار ۽ مقامي واپاري سارين جا اگهھ گھٽ لڳائي ساريون خريد ڪري رھيا آھن ، موجوده وقت قمبر ضلعي ۾ سارين جو فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھچي چڪو آھي ، ضلعي جي مختلف شھرن وارھ ، وڳڻ ، نصيرآباد ، لعلورائنڪ ، گاجي کھاوڙ ، پکو ، گھوگھارو ، بھرام ، قبوسعيد خان ، سجاول جوڻيجو ، شھدادڪوٽ سميت علائقي ۾ ھزارين ايڪڙن تي سارين جو فصل لھڻ باوجود آبادگارن ۾ مايوسي ڇانيل آھي ، سارين جي آبادگارن جي مايوسي  جو ڪارڻ سارين جو گھٽ اگھه آھي ،

قمبر ضلعي ۾ سارين جا ڪيترا ئي ڪارخانا آھن جيڪي ساريون خريدي چانور تيار ڪري ملڪ جي منڊين ۾ پھچائين ٿا، روزانو لکين روپين جي آمدني ٿيڻ باوجود واپاري سارين جي آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن، سارين ۾ گھم ۽ پاپڙ کس جو جواز ڄاڻائي به اگھن ۾ فرق ڪيو ويو آھي ، گھميل ساريون في مڻ 700 روپيه جڏھن ته راھي سڪل ساريون 1000 روپيه ڪري پوءِ به ٽيڪس ۽ ڪٽوتين جا شرط لاڳو ڪيا ويا آھن ، سارين جي في مڻ تي ھڪ ڪلو ڪٽوتي ۽ 50 روپيه ڪارخاني جي انٽري جي فيس پڻ ڪٽي وڃي ٿي ، جڏھن ته سارين جي تور ڪانٽي تي ڪرڻ ۾ به ڪارخانيدار وزن ۾ ھيرا ڦيري ڪري آبادگارن کي تماشو بڻايون ويٺا آھن.

ان حوالي سان بقول آبادگارن جي ته سارين جي آبادگارن سان سراسر ظلم آھي ، ھڪ ته ساريالي فصل لاءِ پاڻيءَ جي تمام گھڻي کوٽ آھي اڳ  رائيس ڪئنال ۾ پاڻي مئي مھيني جي شروعاتي ڏينھن ۾ اچي ويندو ھو پر ھاڻ جولاءِ مھيني جي وچ وارن ڏينھن ۾ ٿو اچي سو به اڻپورو ان ۾ سارين جي ڪھڙي جنس ڪاھي سگھنداسين بس مجبورن چائنه جا ملاوٽي ٻج ٿا پوکيون جيڪي به مھانگي اگھ تي ملن ٿا ، چائنه ٻج جو في ڪلو  1200 کان 1500 روپيه تي ٿو ملي جڏھن ايري 6 جنس ڪاھيندا ھئاسين ته عام ٻج مان ئي ساريون پوکبيون ھيون پر ھاڻي صرف ٻج ئي لکن ۾ ٿو ملي باقي ٻيو خرڇ ته اڃا الڳ آھي ، ٻجن کانپوءِ رونبو ڪيو وڃي ٿو ساريون ٿورو وڌن ٿيون ته ڀاڻ ۽ زرعي فونھارا شروع ٿين ٿا تان جو فصل ۾ لابارو پوي تيستائين زرعي ڀاڻ ۽ فوھارن جي ڀرمار ھوندي آھي جنھن تي پڻ لکين روپيه خرچ آھي ان بعد ڳاھڻ لاءِ مشينريءَ جو استعمال ۽ ڪارخانن تي پھچائڻ جو خرچ مطلب ته زمين کيڙي کان ويندي سارين جي تياري تائين آبادگارن جا لکين روپيه خرچ آھي ، مٿان وري سارين جا اگهھ ايترا ته گھٽ بيھاريا ويا آھن جو آبادگارن جا قرض به ڪو نٿا لھن ۽ ڏينھون ڏينھن سارين جا آبادگار پوئتي پوندا ٿا وڃن ، سارين جي آبادگارن کي رليف تڏھن ملندو جڏھن واپارين جي ھڪ ھٽي ختم ڪري، سارين جو اگهھ 1500 روپيه مقرر ڪيو وڃي  ،

سارين جا آبادگار مجبورن واپارين جي اھڙن ڪلورن خلاف روڊن رستن تي به نڪتا آھن ۽ قمبر ضلعي اندر انهن ظلمن خلاف ڀرپور نموني تحريڪون به هليون پر آفيسر شاهيءَ سان ملي ڀڳت سبب واپارين جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه چري آھي ، اها ويڌن ته ڏهاڪو کن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ته وري گذريل سال کان چانورن جي ملن جا واپاري ته صفا هوڏ تي لهي آيا آهن ۽ سارين جي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ ڪري من ماني شروع ڪري ڇڏي آهي، گذريل سال ته آبادگارن ۽ هارين جي امڪاني احتجاجي تحريڪ هلائڻ واري اعلان کانپوءِ اگھه ڪجھه مناسب رهيا پر هن سال ڪيترا ئي جواز ڄاڻائي في مڻ تي 200 کان 300 روپيا هٿرادو لاٿ ڪري ڇڏي آھي جنھن سان سارين جي فصلن مٿان تمام گهڻو خرچ ڪندڙ آبادگار ويچارا مڪمل طور تي تباھ ۽ ڪنگال ٿي رهيا آهن.

سارين جي آبادگارن مطابق ته سارين جي واپارين جي هڪ هٽيءَ سبب اسان هارين ۽ آباد گارن سان تمام گھڻي ناانصافي ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري اسين فاقا ڪشيءَ جو شڪار آهيون، ڀرپور احتجاج باوجود واپاري ۽ رائيس مل مالڪ پنهنجي هوڏ تي قائم آهن ، هاري ۽ آباد گار پنهنجي جائز مسئلي لاءِ سراپا احتجاج آهن ۽ حڪمرانن کي ڪابه پرواھ ناهي ته هاري ۽ آبادگار ڪهڙين تڪيلفن سبب روڊن تي نڪري آيا آهن ،

هڪ اندازي مطابق قمبر ضلعو سنڌ اندر اهو چانورن جو مرڪز آهي جتي 100 کان به مٿي رائيس ملن ۾ چانورن جي سيزن وارن ڏينهن ۾ روزاني هڪ هزار کان پنج هزار مڻ تائين چانور خريد ٿين ٿا پر ان باوجود اتان جي واپارين جي اها دانهن هوندي آهي ته هنن کي ڪا به سهولت موجود ناهي جو هو پنهنجي ڪارخانن جي چانورن کي سڌو سئنون ٻاهرين ملڪن ڏانهن خاص طور تي ايران ۽ هندوستان جهڙي ملڪ ڏانهن برآمد ڪري سگهن ، واپارين مطابق ته ملڪ اندر لڳندڙ لاڪ ڊائون سبب معاشي طور تي جتي ملڪ کي نقصان پهتو آهي ته اتي وري رائيس ملن جي واپار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ، اهڙي صورتحال اندر ڏسجي ته واپاري جيڪڏهن ڪمائين ٿا ته پوءِ تمام ٿورڙي حد تائين آبادگارن کي اگهن جي مد ۾ فائدو ڏين ٿا پر جيڪڏهن ملڪي حالتن سبب اهي چانور ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا ته وري اهو سڄو نزلو آبادگار ۽ هاري ويچاري تي ڪري ٿو پوي تنهن ڪري اهو جواز ڄاڻائي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ ڪرڻ هارين ۽ آبادگارن جو معاشي استحصال ڪرڻ آهي ۽ آفيسر شاهي سان گڏ چانورن جي واپارين جي ملي ڀڳت سبب اهو سڄو معاملو پيدا ڪيو پيو وڃي ، موجوده دور ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هن مهانگائيءَ ۾ مٿين طبقي جو ته گذر سفر ٿي وڃي ٿو پر هارين ويچارن جي زندگي تمام ڏکئي نموني گذري رهي آهي، تنهن ڪري حڪمرانن طبقي کي گهرجي ته هن ڏتڙيل طبقي جي زخمن تي مرهم رکي کين پنهنجائپ جو احساس ڏيارين ته جيئن هنن جي بچڙن جون مرڪون واپس ٿي سگهن . . . !

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.