بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي’ سنڌ ڏانهن

پاران: ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان

احوال هي آهي ته: صوبه سنڌ جي صوبي  ۾ اوهان جي پارٽي اقتدار ۾ آهي ۽ حڪومتي ڏور اوهان جي هٿ ۾ آهي ۔ حڪومتي ڏور سنڌ جي اڪثريتي ٻهراڙي عوام جي مرهون منت آهي ۽ انهن کي اوهان جا چونڊيل نمائندا ذهني ۽ جسماني اذيتون ڏيئي پريشان ڪري رهيا آهن جنهن جو مثال ٿرپارڪر مان غريب عوام جي ووٽن سان چونڊيل اوهان جو هڪ ايم پي اي آهي جيڪو عوام دشمن ظالم زميندارن ، واحيات وڏيرن، منشيات فروشن، غريبن کي گروي ڪري جيئڻ جنجال ڪندڙ وياج خورن ۽ جانورن لاءِ مختص سرڪاري زمين (گئوچر) تي قابض زميندرن جو نمائندو بڻجي انهن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.

انهي عمل جي خلاف سنڌ جي شاندار تاريخي ڪردار جي حامل سنڌ ھاري ڪاميٽي سراپا احتجاج آهي، جنهن تي هڪ طرف ايم پي اي ڳوٺ ڪونڀو جي ڍاڻي جي اصل وارث ميگھواڙن جو دشمن بڻجي وڏيرن کان ظلم ڪرائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ عهديدارن کي ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيو آهي تنهن ڪري هن کي هدايت ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ کين سڄي ملڪ ۾ مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو.

اميد آهي ته: اوهان پنهنجي ايم پي اي کي لغام ڏيئي قابو ڪندا ته جيئن غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪتن ۽ بڇڙاين کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي هن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائيندي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.