سنڌ جي قومي تحريڪن کي نظرانداز ڪرڻ وارو رويو

سدا حيات جلباڻي

تاريخ ٻڌائي تـ بائڪاٽ  لفظ  آئرلينڊ ۾ هڪ غير حاضر زميندار جي ڪمداري ڪندڙ رٽائرڊ برطانوي آرمي ڪيپٽن چارلس بائڪاٽ جي نالي پٺيان  پيو. اڻويهين صديءَ جي وچ  ڌاران آئرلينڊ جي هارين کي زرعي  بحران  ڏسڻو پيو هو. غير حاضر زميندار هڪطرفو قدم کڻندي زمين جو ڪرايو وڌائي ڇڏيو هو. هارين وڌيل ڪرايو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چارلس بائڪاٽ  واڌو ڪرايو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ وارن هارين کي زمين تان بي دخل ڪرڻ لڳو. ان ڀئو کان تـ  وڏي پيماني تي بي دخلي ٿي ويندي، هارين  پاڻ ۾ ٻڌي ڪري فيصلو ڪيو تـ  چارلس بائڪاٽ جي فصل جي ڪٽائي (هارويسٽ) ڪرڻ ڪوئي نـ ويندو. رٽائرڊ آرمي ڪيپٽن ٻاهران مزدور گھرائي پوليس جي پهري ۾ ڪٽائي جي شروعات ڪئي. پر خرچ  جي ڪٿ ڪيائين تـ کيس اهو ڪم فصل جي ڪل ملهـ کان مهانگو لڳو. ائين سندس فصل رلي ويو. اهڙيءَ ريت، هارين جي ان عمل تي بائڪاٽ نالو پڪو ٿي ويو.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙٻيٽ تي قبضي خلاف سانا پاران تحريڪ جو اعلان

ايشيائي ننڍي کنڊ جي تاريخ  ٻڌائي تـ مهاتما گانڌي بائڪاٽ جو هٿيار استعمال ڪندي انگريزن جي ٺهيل شين جي خريداري بند ڪري برطانيا جهڙي زورآور سامراجي قوت کي ڏڪائي، جھڪائي گڏيل هندوستان مان ڀڄائي ڪڍيو هو. اسان جي ملڪ  جي تاريخ  ۾ اهو سدائين  ياد رهڻ جهڙو واقعو آهي تـ پنهنجي قبيلي جي فردن کي چونڊي چونڊي مارڻ خلاف احتجاج ڪندي ڪوئيٽا  ۾ هزارا برادريءَ جي ماڻهن  پاران سياري جي لڱ ٺاريندڙ ۽ رت ڄمائيندڙ سيءَ ۾  بنا ڪنهن ڇپر جي اگھاڙي اڀ هيٺان سچو ڌرڻو هنيو هو. نيٺ آڻ مڃي ان وقت جي وزيرِ اعظم کي اتي پهچڻو پيو هو.

غور ڪري ڏسجي تـ ڏکايلن ۽ رنجايلن جو جو سڀ کان طاقتور ۽ اثرائتو هٿيار بائڪاٽ آهي. سنڌ وارا بـ بائڪاٽ جي طاقت سان تعصبي ڌرين کي مات ڏيئي سگھن ٿا. وطن واسين جي مفادن جي ابتڙ هلڻ وارين ڌرين کي پرامن بائڪاٽ ذريعي سندن ڪاروبار کي ڇيهو رسائي مستقل مات ڏيئي سگھجي ٿي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا اهي تعصبي ادارا جيڪي سنڌي ماڻهن جي مفاد وارين تقريبن، خاص ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن متعلق سنڌ واسين جي هلندڙ تحريڪ جي واقعن کي جوڳي ڪوريج نـ ٿا ڏين، انهن خلاف چومکي ويڙهـ وڙهڻي پوندي. سڀني سنڌ واسين جو اهو فرض بڻجي ٿو تـ تعصبين جون نـ اخبارون خريد ڪري پڙهڻيون آهن ۽ نـ انهن جي ٽي وي چينلس تي هلندڙ ڪو پروگرام ڏسڻو آهي. جيڪي ڪمپنيون انهن اخبارن ۽ ٽي وي چينلس کي اشتهار ڏين ٿيون انهن  جو بـ بائڪات ڪرڻو آهي. انهن ڪمپنين جو ڪو مال خريد نـ ڪرڻو آهي. خبرن وغيره ڏيڻ لاءِ اسان جي ماڻهن مان ڪوبـ هنن جي نمائندگي نـ ڪندو.

هي وجود جي بقا جي ويڙهـ آهي. هيءَ سجاڳ ٿيڻ جي گھڙي آهي. سيد جلال محمود شاهـ، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌياڻين ۽ ٻين وطن دوست ڌرين کي گڏجي پريس ڪانفرنس ذريعي  بائڪاٽ جو اعلان ڪرڻ گھرجي. ٻن هفتن جي مهلت سان وطن جي ويرين کي وارننگ ڏني وڃي تـ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻين. ٻي صورت ۾ هنن جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

اسان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اڄ تائين پاڻ ئي زهريلين بلائن کي کير پياري پاليندا رهيا آهيون. هنن جا سڀ ڪاروبار ناجائز منافع خوريءَ ذريعي اسان جي پگھر وهائي پورهيو ڪري ڪمايل ڏوڪڙن مان پيا ٿين. اسان هنن جي هر شئي جو بائڪاٽ ڪندا سين تـ هي ويهجي ويندا. اهي بک مرندا تـ پاڻهي سڌري ويندا.

هي انٽرنيٽ ۽ واٽس ايپ جو دور آهي. رابطا قائم ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نـ ٿي ٿئي. صرف اک پٽڻي آهي ۽ هوشيار ٿيڻو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي  مرشد لطيف جو فرمان ياد رکڻ گھرجي:

جيڏيون! جي مون وسهو، ننڊ نـ هيريو نيڻ،

جوڀن ٻـ ٽي ڏينهڙا.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.