ٽماٽن سان ڀريل 8 ٽرڪون بلوچستان پهچي ويون

اسلام آباد ( م ڊ )  وفاقي حڪومت جي اجازت ملڻ کانپوءِ ايران مان ٽماٽر گهرائڻ واروعمل شروع ٿي ويو آهي. ٽماٽن سان ڀريل 8 ٽرڪون  تفتان پهچي ويون آهن. ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر ۽ ٽماٽن جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ٽماٽا ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏني.تفتان ڪسٽم هائوس جي آفيسر نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته مشترڪه بازار ۾ 8 ٽرڪون ڪليئرنگ لاءِ پهتيون آهن، جن جي ڪليئرنگ جو ڪم تمام جلد ڪيو ويندو. خوراڪ واري وزارت جي ترجمان موجب ايران مان ٽماٽر درآمد ڪرڻ جي اجازت هڪ مهيني لاءِ ڏني وئي آهي ته جيئن ٽماٽرن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي، جڏهن ته نجي شعبي کي به ٽماٽر درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.