يوٽيلٽي اسٽورن کي ٻاهران گهرايل کنڊ ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ )  وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن ڪارپوريشن کي ٻاهران گهرايل کنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب يوٽيلٽي  اسٽورن تي کنڊ جي کوٽ کانپوءِ ٻاهران گهرايل کنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻاهران گهرايل کنڊ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي يوٽيلٽي اسٽورن کي ڏني ويندي. ذريعن ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورن کي ٻاهران گهرايل کنڊ مان 25 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڏني ويندي، 25 آڪٽوبر تائين ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت موجب سي ٽي پي پاران ٻاهران گهرايل کنڊ 22 آڪٽوبر تائين پاڪستان پهچي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر ۾ کنڊ خريداري جو ٽينڊر  شوگر ملز کي ڏنو هو، پر شوگر ملز حصو نه ورتو ۽ اهو ئي انڪار ڪيو ته وٽن کنڊ ڪونهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.