حڪومتي ٽيم نااهل آهي: پي ٽي آءِ ايم اين اي

اسلام آباد( م ڊ) اٽڪ مان چونڊيل تحريڪ انصاف جي ايم اين اي ميجر رٽائر طاهر صادق پنهنجي ئي حڪومت تي ڪڙڪي پيو آهي، سندس  چوڻ آهي ته عمران خان جي ٽيم نااهلن تي ٻڌل آهي. مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي رد عمل ڏيندي ميجر رٽائر طاهر صادق چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي ايتري ڪرپشن ناهي ٿي جيتري هن حڪومت ۾ ٿي آهي. هن چيو ته موجودهه حڪومت انڌو منڊو مڪاني نظام آندو، 10 اربن بدران صرف سوا 3 ڪروڙ وڻ لڳايا. طاهر صادق چيو ته 10 ارب وڻن لاءِ هنن وٽ نرسريون ئي ناهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.