غريب ماڻهو لاءِ 2 ويلا ماني کائڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته غريب ماڻهو لاءِ  ٻه  ويلا ماني کائڻ ڏکيو بڻجي ويو  آهي. اٽي ۽ چانورن سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي. هڪ طرف اسپتالن ۾ معياري علاج ناهي ٻئي طرف دوائون ايتريون مهانگون ڪيون ويون آهن جو غريب ماڻهو علاج ڪرائڻ جي سگهه به نٿو رکي. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جون پاليسيون عوام دوست ناهن، حڪمرانن کي غريب عوام جو ڪو به فڪر ناهي. سنڌ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، روزگار جا وسيلا ناهن. صنعتي ادارا ناهن، سرڪاري نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن، بدلين تي به رشوت ورتي وڃي ٿي، اهري حالت ۾ عام ماڻهو انصاف کان محروم آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت جون زراعت دشمن پاليسيون آهن، جنهن ڪري ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون ٻاهران گهرايون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.