سنڌ کي حق ملن ته ٻيا نعرا نه لڳن: راشد محمود سومرو

سکر(رپورٽر)جمعيت علماءِ اسلام سنڌجي سيڪريٽري جنرل علامه راشدمحمود سومرو چيوآھي ته سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ  صدارتي آرڊيننس سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جامعه حماديه منزل گاھ سکر ۾ ميڍيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش ۾ ناڪامي بعد بوکلائجي پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ غير آئيني صدارتي آرڊيننس آندو آهي، راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊِي ايم اي جي جلسي ۾ لکين سنڌ واسي پي ٽي آءِ سرڪار ۽ ان جي فيصلن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندا، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي سندن نوجوانن جا چِچريل لاش ملي رهيا آهن ۽ حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گُم ڪيو پيو وڃي، گُمشدگين جو سلسلو بند ڪري سمورن گم ٿيلن کي ظاهر ڪيو وڃي، جي يو آء ڳواڻ راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن ها ۽ احساسِ محرومي ختم ڪئي وڃي ها ته سنڌ ۾ ٻيا نعرا نه لڳن ها هڪ سوال جي جواب ۾  هن چيو ته ملڪ اندر مهنگائي بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.