سوشل ويلفيئر جي عورت آفيسرن کي هراسان ڪرڻ جي جاچ

ڪراچي(م ڊ) سوشل ويلفيئر کاتي جي عورت آفيسرن جا نالا غيراخلاقي ويب سائيٽن تي رکڻ واري معاملي جو چيف سيڪريٽري نوٽيس وٺي  ڇڏيو، معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ايف آءِ اي عملدارن چيو آهي ته سائبر ڪرائم عورت آفيسرن کي هراسان ڪرڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، عورت آفيسر مطابق سوشل ويلفيئر جي 25 ڪميشنڊ آفيسرن کي هراسان ڪيو پئي ويو، اختيارين مطابق عورتن پنهنجي سينيارٽي کي ڪليم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، پٽيشن کانپوءِ عورت آفيسرن جا موبائل نمبر غيراخلاقي ويب سائٽن تي رکيا ويا، ايف آءِ اي چيو ته عورت آفيسرن کي ملڪي ۽ غيرملڪي نمبرن تان غيراخلاقي پيغام ۽ ڪالون وصول ٿيڻ لڳيون، پي ٽي اي سان گڏجي عورت آفيسرن جا نمبر ويب سائٽن تان هٽرائينداسين، ايف آءِ اي عملدارن چيو ته ويب سائيٽن تان نمبر هٽائڻ کانپوءِ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.