سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 17 آڪٽوبر واري احتجاج لاءِ تياريون جاري

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان 17 آڪٽوبر تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف اعلانيل سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن،  ريلين ۽ ڌرڻن جي تياري جي سلسلي ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو، جي يو آئي جي مولانا اعظم جهانگيري، عوامي ورڪرز پارٽي جي بخشل ٿلهو، شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي پرامن جمهوري جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي. سنڌ ڌرتي سنڌي ماڻهن جو پنج هزارن سالن کان تاريخي وطن آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي پ پ حڪومت جي سهولتڪاري سان وفاق جو قبضو سنڌ جي وجود تي وار آهي.  سنڌ جو ٻچو ٻچو پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن قوتن کي پٺ تي هٽڻ تي مجبور ڪندي سندن سازشن کي ناڪام بنائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.