ماها ڪيس، جنيد ۽ وقاض جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ ٻن جوابدارن  جنيد ۽ وقاض جي ٻن ڪيسن ۾  ضمانت منظور ڪري ورتي آهي .عدالت طرفان جوابدار جُنيد ۽ وقاص جي ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ فرار واري ڪيس ۾25-25 هزار رُپين جا ضمانتي مچلڪن جي عيوض ضمانت منظور ڪندي 10 ڏينهن اندر لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان به رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سٽي ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا هئا، ڪيس ۾ جنيد ۽ وقاص کي فرار ڪندڙ 8 اڻڄاتل سهولتڪارن کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.