ملٽري مان پاس آئوٽ نوجوان جي والد جي شهريت شڪي آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حافظ حمد الله  جي شهريت بابت فيصلو محفوظ ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملٽري اڪيڊمي مان تازو پاس آئوٽ ٿيل نوجوان جي والد جي شهريت تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، ڇا هن جو پٽ تازو ئي ملٽري اڪيڊمي مان پاس آئوٽ ناهي ٿيو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ف جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر حافظ حمد الله جي شهريت رد واري نادرا جي حڪم جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نادرا جي ڪنڊڪٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حافظ حمد الله جنهن جون پراپرٽيون هتي آهن ۽ جيڪو پاڻ پارليامينٽرين آهي ڪيئن توهان ان جي شهريت رد ڪري سگهو ٿا؟ هي عدالت اهڙي ريت شهرين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ ڏيندي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ نادرا وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون جي تحت توهان ماڻهن جي شهريت تي سوال اٿاريندا آهيو؟ نادرا وڪيل جواب ڏنو ته ايجنسين کان رپورٽ اچڻ تي ڪنهن شهري جي خلاف ڪو ايڪشن ورتو ويندو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هن ڪورٽ جو رجسٽرار توهان ڏانهن ڪجهه موڪلي ٿو ته توهان ڪنهن جي شهريت رد ڪندا؟ حمد الله صاحب جو ڪارڊ ڇو رد ڪيو، هو ته پارليمنٽرين به آهي، اِها ته ايليٽ ڪلاس آهي عام ماڻهن سان خبر ناهي توهان ڇا ڪندا هوندا، توهان کي خبر آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرڻ جا ڪهڙا اثر پوندا آهن، ڇا توهان اکيون ٻوٽي اِهو ڪندا آهيو؟ توهان پنهنجي اختيارن کي غلط استعمال ڪري رهيا آهيو، ٻه سالن کان توهان کي ٻڌائي رهو آهيان نادرا کي ان قسم جو به اختيار ناهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.