پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي قيام خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن، وفاق کي نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل کي ختم ڪري پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل قائم ڪرڻ خلاف سنڌ جون 5 سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽيون عدالت ۾ پهچي ويون. پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي فار وومين نوابشاهه، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جَي وي سيز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت جمعي ڏينهن وفاقي سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو. گڏيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ايم سي جَي قائم ٿيڻ سان سنڌ جَي نوجوانن کي نقصان ٿيندو ۽ پنجاب کي فائدو ٿيندو، ڇو ته سنڌ جَي ٻهراڙي وارَي ڊوميسائل جو وجود ئِي ختم ٿي ويندو ۽ پنجاب جو نوجوان عمر ڪوٽ، نوابشاهه سميت سڄي سنڌ ۾ ڪوٽا تي ڊاڪٽر ٿي سگهندو. اهڙي قانون کانپوءِ سنڌ ۾ پڙهندڙ ميڊيڪل جَي نوجوانن جَي حقن تي ڌاڙو لڳي ويندو.

پي ايم سي ايڪٽ رد ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع

اسلام آباد ( م ڊ )  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ايڪٽ 2020 کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سينيٽ  سيڪريٽريٽ ۾ نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو.  نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته موجوده قانون منظور ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل هڪ اٿارٽي هئي،  جنهن وٽ ملڪ اندر طب جي معاملن جي نگراني هئي، ان وٽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڊگري جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ، تجرباتي سرٽيفڪيٽ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ڊاڪٽرن کي پرڏيهه ۾ نوڪري کان اڳ ميڊيڪل ڪليئرنس ليٽر جاري ڪرڻ جو به اختيار هو پر موجوده حڪومت نئين قانون موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج کي لامحدود ۽ بنا ريگيوليشن جي خودمختياري ڏني وئي، جيڪو اهم شعبي ۾ عوام جي صحت جي تحفظ تي سوديبازي ڪرڻ برابر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.