چمبڙ ۽ ڀرپاسي هر شيءِ مهانگي، پورهيت طبقو پريشان

چمبڙ ( ن ع آ )  چمبڙ ۽ ڀرپاسي وارن ننڍن وڏن اسٽاپن دليل آباد، سنجرچانگ، ڪراچي ھوٽل، مسوبوزدار، دادخان جروار، نصيرخان لغاري، راوت لغاري ۽ گلاب لغاري ۾ ڳاٽي ٽوڙ منھنگائي غريب پورھيت  طبقي جون متيون منجھائي ڇڏيون، اٽو 90 روپيه، کنڊ 110 روپيه، کير 110 روپيه، مرغي 340 روپيه، داليون 100 روپيه، چانور 100 کان 250 روپيه پڪوان آئل 250 روپيه في ڪلو وڪامڻ لڳا. دڪاندار پنھنجي من مستي ڪندي ريٽ لسٽ به نٿا رکن پنھنجا ھٿ ٺوڪيا اگھه ٻڌائي مزدور طبقي جي عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آهن.. انھي سلسلي ۾ چمبڙ جي شھرين توڙي ڀرپاسي جي ننڍن وڏن اسٽاپن جي غريب پورھيت طبقي جي ماڻھن دانھيندي چيو ضلعي انتظاميا سميت مارڪيٽ ڪاميٽي وارا اگھن جي چيڪنگ ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهن.

ڪڻڪ ۽ اٽي بحران جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي: پنجاب حڪومت

لاهور ( م ڊ )  پنجاب جَي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ملڪ ۾اٽي ۽ ڪڻڪ جي موجوده صورتحال جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هيل تائين ڪڻڪ جو هڪ داڻو به سرڪاري  طور تي رليز ناهي ڪيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليم خان چيو ته سرڪاري ڪڻڪ جي سپلاءَ جو سمورو بار رڳو پنجاب حڪومت تي آهي، سنڌ حڪومت کي غريب ماڻهو جي ڏکيائين جو احساس ناهي. هن چيو ته پنجاب سموري ملڪ جي اٽي جو بار نٿو کڻي سگهي، سنڌ حڪومت فوري طور ڪڻڪ رليز ڪري، سنڌ حڪومت حڪومت جي بي حسي نه رڳو سنڌ پر سموري پاڪستان جي دشمني آهي. عبدالعليم خان چيو ته هن وقت سبسڊي واري ڪڻڪ رڳو پنجاب حڪومت رليز ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت به پنجاب جيان سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري. هن چيو ته پنجاب حڪومت سستي اٽي لاءِ ماهوار 400 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، پنجاب ۾ 860 ۾ملڻ وارو اٽو ڪراچي ۾ 1400 رپين جو آهي.

يوٽرن ماسٽر حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (  م ڊ ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هيءَ حڪومت يوٽرن ماسٽر آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، هڪ به  پراجيڪٽ اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو، 16 آڪٽوبر تي عوامي ريفرنڊم ٿيندو.هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسان آئين اندر رهي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جمهوريت مضبوط ڪنداسين ۽ ڪو اهڙو قدم نه کڻنداسين، جنهن سان معاملا خراب ٿين.سندس چوڻ هو ته اسان سدائين پرامن رهياسين ۽ رهنداسين، هيءَ حڪومت يوٽرن ماسٽر آهي، هاڻ عوام کي به خبر پئجي وئي آهي ته اهي رڳو زباني ڳالهيون ڪندا آهن.

مهانگائي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي: صداقت عباسي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ صداقت عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏيڍ ٻن سالن کان مهانگائي وڌيڪ آهي، حڪومت ٻن سالن ۾ سخت فيصلا ڪيا آهن جنهن سبب مهانگائي وڌي آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان جي حڪومت کي مهانگائي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته حڪومت ڳجها ٽيڪس مڙهي رهي آهي، پاڻ مهانگائي ڪري رهيا آهن

اٽو ۽ کنڊ ذخيرو ڪندڙن جي لسٽ تيار، ميرپورخاص جي بااثرن ۾ٿرٿلو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت پاران کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪاورائي ڪرڻ جو فيصلو  ڪرڻ بعد بعد وفاقي حڪومت پاران بحران پيدا بااثرن پاران غيرقانوني طور وڏا اسٽاڪ ڪري کنڊ، اٽو ۽ ڪڻڪ مارڪيٽ مان غائب ڪرائڻ ۾ ملوث وڏين مڇين خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ذريعن موجب قانون نافذ ادا ڪندڙ ادارن جي مدد سان لسٽ جوڙي ڪاروائي لاءِ سنڌ سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي جوڙيل لسٽون موڪلي انهن ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو هدايتون جاري ڪيون آهن.ذريعن موجب چيف سيڪريٽري سنڌ وٽ پهتل لسٽن ۾ميرپورخاص ضلع ۾ کنڊ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏو اسٽاڪ ڪندڙن واري لسٽ ۾ ضلع جي  فيڪٽرين جي مالڪن سميت اهم سياسي شخصيتن، وڏن ۽ بااثر سيٺن، وڏن واپارين ۽ دڪاندارن جا نالا شامل آهن. جن خلاف ڪاروائي ڪندي غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل ڪڻڪ ۽ کنڊ جو اسٽاڪ ضبط ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب وفاق پاران موڪليل ذخيرا اندوزن جي لسٽ چيف سيڪريٽري کان ٿيندي ڊويزن ۽ ضلع جي اختيارين تائين پهچڻ بعد بااثرن ۾ ٿرٿلو متل آهي جڏهن ته ذريعن موجب انتظاميا پاران مليل لسٽ ۾ شامل ذخيرو ڪندڙ خلاف ڪاروايون ڪرڻ لاءِ لائع عمل جوڙيو پيو وڃي ۽ جلد کنڊ اٽي ۽ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا رکندڙن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي ويندي.

سنڌ ۾ ماڪڙ سبب 73 سيڪڙو آبادگار متاثر ٿيا: ايشيائي بينڪ

اسلام آباد (م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماڪڙ جي نقصانن بابت رپورٽ جاري  ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سنڌ ۾ ماڪڙ سان 73 سيڪڙو آبادگار متاثر ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪورونا ۽ ماڪڙ سان ٿيندڙ نقصانن تي سروي رپورٽ جاري ڪئي آهي، رپورٽ ۾ سنڌ صوبي جي 4 سئو کان وڌيڪ آبادگارن جي سروي ڪئي وئي. ان سروي ۾ ڪورونا سبب لاڪ ڊائون جي اثرن ۽ ماڪڙ سان ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل گڏ ڪيا ويا. سروي ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادگارن خوراڪ جي پهچ ۾ کوٽ جي نشاندهي ڪئي، جڏهن ته ٽيون حصو آبادگارن گهٽ آمدني هجڻ جي حوالي سان ٻڌايو. رپورٽ موجب لاڪ ڊائون سبب کير، ڪڻڪ، ڀاڄين سميت ٻين اهم زرعي جنسن جي سپلاءِ متاثر ٿي، سڀ کان وڌيڪ ٽماٽي جي سپلاءِ ۾ 61 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ماڪڙ سبب 73.7 سيڪڙو آبادگار متاثر ٿيا، حڪومت کي ڪورونا ۽ ماڪڙ جي ناڪاري اثرن جي ازالي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.