اٽو سال اندر 60 سيڪڙو مهانگو، زراعت نظرانداز ڪرڻ مهانگائي جو مک ڪارڻ آهي: ماهر

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي سبب هيٺين ۽ وچين طبقي جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، شماريات کاتي به سيپٽمبر مهيني ۾ آگسٽ کان هڪ سيڪڙو وڌيڪ مهانگائي جي نشاندهي ڪري چڪي  آهي. ماهرن مهانگائي جو مک سبب زراعت کي نظرانداز ڪرڻ ۽  گهربل ڌيان نه ڏيڻ قرار ڏنو آهي. اسٽيٽ بئنڪ به زرعي جنسن جي پهچ ۾ دير سبب مهانگائي ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي هئي. ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ( سي پي آءِ) موجب هڪ پاڪستاني سراسري طور 34 سيڪڙو خوراڪ، 26 سيڪڙو رهائش، بجلي، گيس وغيره ۽ 8 سيڪڙو ڪپڙن ۽ جوتن تي ۽ 7 سيڪڙو هوٽل مان کاڌو وغيره کائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي خرچ ڪري ٿو. صحت تي 2.7 سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو. اٽي جو اگهه گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سان 50 کان 60 سيڪڙو وڌيو آهي. کنڊ 20 کان 30، مهري دال 25 سيڪڙو، مڱن جي دال 40 سيڪڙو، ماش جي دال 30 سيڪڙو، تيل، گوشت ۽ کير جي اگهه ۾ 10، 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.  ماهرن شين جي رسد ۽ پهچ ۾ رنڊڪن کي به مهانگائي جو سبب قرار ڏنو آهي. ناڻي واري اڳوڻي وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو آهي ته رسد ۽ پهچ ۾ ايترو فرق آيو جو سبزيون به مهانگيون ٿي ويون. هن چيو ته آنا ۽ کير جو اگهه وڌڻ جو سبب سرڪار جي لاپرواهي آهي. هن چيو ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب زرعي شعبو لڳاتار نظرانداز ڪرڻ به آهي، جنهن سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ لاٿ آئي آهي ۽ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي جيڪو ذخيره اندوزي کي هوا پيو ڏئي. ڊاڪٽر حفيظ پاشا چيو ته ٽائيگر فورس ذريعي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جو قدم نامناسب آهي. هن چيوته مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي پر وفاقي سرڪار وڌيڪ ذميوار آهي ڇاڪاڻ ته اها شين جا گهه مقرر ڪري ٿي.  معاشي ماهر محمد سهيل چيو ته مهانگائي جو سبب انتظامي ڪمزوري آهي، حڪومت جنسن جي رسد ۽ طلب جو ٺيڪ اندازو نه ڪري سگهي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.