مهانگائي وڌڻ تي پي ٽي آءِ سرڪار ۾ به اختلاف، وفاقي وزير ئي ذميوار قرار

اسلام آباد( م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ تي وفاقي وزير به پنهنجي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ لڳا آهن، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري پيو، هاڻ ڏسون ٿا ته ڪيئن ٿي مافيا مزا وٺي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي وزير مراد سعيد پنهنجي ئي سرڪار جي وزير عمر ايوب ۽ خاص مددگار نديم بابر تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو بجلي ۽  گئس اگهن ۾ واڌ جا ذميوار آهن. مراد سعيد چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ ڪجهه فيصلا ٿيندا آهن پر عوام کي بجلي ۽ گئس اگهن ۾ رليف نه پيو ملي. شيخ رشيد پيشنگوئي ڪندي چيو نومبر ۽ ڊسمبر ۾ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿيندو. شيخ رشيد چيو ته ٻڌايو وڃي ته دوائون ڇو مهانگيون ٿيون آهن. دوائون مهانگيون ٿيڻ سبب ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻيون پيون پون. ڪابينا ميمبرن چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا کي شين جي موجودگي يقيني بڻائڻي پوندي. وزير اعظم عمران خان مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ هنگامي قدمن جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڳالهيون جاري آهن، حڪومت جلد ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪندي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ لاءِ سموري سرڪاري مشينري متحرڪ ڪنداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جو هاڻ سڄو ڌيان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ تي هوندو ۽ سڄي صورتحال آئون پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهيان، ڏسون ٿا ته هاڻ مافيا ڇا ٿي ڪري. ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان اين سي او سي کي ڪورونا جي صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪورونا ڪيس وڌيا ته اسڪول، شادي هال ۽ ٻين اجتماعن تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي . فيصل واوڊا چيو ته شبلي فراز کي ٽيم ٺاهڻ گهرجي.  اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير شبلي فراز ملڪ مان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي جو مسئلو حل ٿي وڃڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا جَي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي شبلي فراز چيو ته سنڌ سرڪار ڄاڻي واڻي ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو، جنهن سبب اگهن ۾ واڌ ٿي، پر هاڻي نيٺ صوبائي حڪومت ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ جاري ڪئي آهي. سنڌ سرڪار بدنيتي جي بنياد تي ڪڻڪ دير سان جاري ڪئي، ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽو1300 کان 1400 ۽ پشاور ۾ 1100 کان 1200 تائين ملي ٿو. شبلي فراز چيو ته روز ويلٽ هوٽل ملڪ جو اثاثو آهي، وڪڻڻ جو ڪو ارادو ناهي، حڪومت روز ويلٽ هوٽل جا قرض ادا ڪري اُن کي پنهنجِي تحويل ۾ ورتو آهي، ملازمن کي به پگهارون جاري ڪيون ويون آهن، وفاقي وزير اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اپوزيشن وارا ٻن سالن کان پگهارون وٺي مزا ماڻي رهيا آهن، اپوزيشن ڏڦيڙ پيدا ڪري پنهنجِي ڪرپشن لڪائڻ جِي ڪري رهي آهي.شبلي فراز چيو آهي ته مريم صدر ٺيڪ ٿي چئي جنوري ۾ حڪومت ويندي پر حڪومت جنوري 2020 نه جنوري 2028 ۾ ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.