لڳي ٿو اٽو به سينچري پار ڪندو: ترجمان سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هلندڙ مهيني کي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهدي جي شروعات جو  مهينو قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ذات لاءِ نه پر پوري ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هوندو آهي، عمران خان کي 22 ڪروڙ عوام جي مشڪلاتن جي ڄاڻ ئي  نه آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم چئي پيو ته جمهوري آهيان پر هن اين ايف سي تحت صوبن کي حق نه ڏنو آهي، هن چيو ته اڳي کنڊ 55 رپيا ڪلو هوندي هئي جڏهن وزيراعظم نوٽيس وٺندو آهي   ته عوام جون رڙيون نڪري وينديون آهن، دوائون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن،  ملڪ کي اٽي مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته اٽو به سينچري پار ڪري ويندو. هن چيو ته بيضا في درجن 170  روپيا. آلو، بصر، کيرو 80 رپيا في ڪلو ۽ ٽماٽا 190 رپيا في ڪلو ٿي چڪا آهن. عوام جي آمدني ساڳي آهي پر وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي.هن چيو ته  عمران نيازي جي حڪومت کان پهرين حالتون بهتر هيون، هاڻي مديني جي رياست ۾ عوام جون رڙيون نڪري رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.