ملڪ ۾ آنن جو في درجن اگهه 190 رپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) سموري ملڪ ۾ آنن جي قيمتن ۾ ڳاٽي  ٽوڙ واڌ ٿي وئي آهي، في درجن 190 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ في درجن آنن جي قيمت 125 رپين مان وڌي قيمت 190 رپين تائين پهچي وئي آهي. ڪراچي ۾ هڪ هفتي 50 رپين جي واڌ سان آنن جو في درجن 170 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. لاهور ۾ 15 ڏينهن دوران في درجن آنا 23 رپيا واڌ سان 161 رپين تائين پهچي ويا آهن. پشاور ۾ به في درجن آنن جي قيمت 168 رپيا ۽ ديسي مرغي جا آنا ڊبل سينچري ڪراس ڪري 240 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا آهن. ملتان ۾ في درجن آني جي قيمت 180 رپين تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.