مٺي ۾ اٽو بليڪ تي وڪرو، شهرين جو احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) تبديلي ۽ پ پ سرڪار عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهي ڇڏيو،اوچتو هر کاڌي پيتي جي شين جا اگهھ  هٿرادو طور وڌي وڃڻ ڪري غريب مسڪين ماڻهن جون دانهون نڪري پيون آهن،ٿرپارڪر ضلعي ۾ مهانگائي غريب مسڪين ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني جو گرھ به کسي ورتو آهي،هن وقت سمورن شهرن ۾ اٽو خريدڻ غريبن جي وس کان چڙهي ويو آهي،جنهن سبب شهرن ۾ اٽو 26 سئو رپيا مڻ ۽ ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ في مڻ 3 هزارن تائين وڪرو ٿيڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن،مليل رپورٽن موجب شهرن ۾ اسپيشل اٽو 26 سئو کان 27 رپيا في ۽ پري پري جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ اٽو في مڻ 3 هزار رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، کنڊ سئو رپيا ڪلو ۽ چانور 150 تائين ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن،هوڏانهن مٺي ۾ اٽو مهانگو ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف سماجي ڪارڪن اڪبر درس جي اڳواڻي ۾ شھرين جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻون هنيو ويوم،ان موقعي تي سماجي ڪارڪن اڪبر درس ۽ ٻين شھرين دانهيندي چيو ته  ٿر ۾ اٽي جا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.