مهانگائي کان تنگ عوام اپوزيشن جي جلسن ۾ شرڪت ڪندو: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني، وقار مهدي، نجمي عالم ۽ ٻين ڪالهه جناح گرائونڊ جو دورو  ڪيو. اڳواڻن 18 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي جي ميزباني هيٺ جناح گرائونڊ ۾ پي ڊي ايم اي جي جلسي جي حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته 18 اڪٽوبر وارو جلسو ملڪ جي تاريخ جو نه صرف تاريخي جلسو هوندو پر اهو جلسو موجوده نااهل، نالائق ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ سندس ڪٺپتلي حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو. هن چيو ته هن وقت عوام جنهن بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي مهانگائي، بيروزگاري، گئس ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ انهن سڀني معاملن سبب پريشان عوام جلسي ۾ شرڪت ڪري انهن نااهل حڪمرانن خلاف پنهنجو ووٽ ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.