پ پ پاران ٽائيگر فورس عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ٽائيگر فورس کي عدالت ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽائيگر فورس قائم ڪرڻ  غيرقانوني عمل آهي، ان لاءِ قانوني ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ جيالا واپارين سان گڏجي ٽائيگر فورس خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جواظهار  ڪالهه پ پ جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات پلوشه خان ۽  عاجزڌامراهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، پلوشه خان وڌيڪ چيو ته ٽائيگرفورس کي ڪهڙي قانون تحت گهرن ۽ آفيسن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، اها ڀتا فورس آهي، جنهن جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، شهرين سان گڏجي انهن ڀتا خورن مان عوام کي نجات ڏيارينداسين، هن چيو ته 18 آڪٽوبر جو جلسو حڪمرانن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، غداري جا ميڊل ورهائيندڙن کي عمرڪوٽ ۽ بدين جي ماڻهن جي تڪليف نظر ئي نه ٿي اچي، پلوشه خان چيو ته وزيراعظم ٻڌائي ته اطلاعات کاتي جي خاص معاون جي استعيفيٰ ڇو منظور ڪئي؟ سي پيڪ آرڊيننس جو مدو پوري ٿي چڪو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.