مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ

لاهور (بيورو+ م ڊ ) لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو 20 آڪٽوبر تائين جسماني رمانڊ  منظور ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي گهرواري حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت طرفان درخواست تي جواب جمع ڪرڻ لاءِ نيب کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته منهنجي نالي تي هڪ به ٽـِي ٽـِي آيل هجي ته سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، 2005ع کان اڳ برطانيا ۾ منهنجو هڪ رُپئي جو به ڪاروبار نه هو، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ته جيئن زندگي گذاري سگهان، شهباز شريف جو چوڻ هو ته چيلهه ۾ سُور هجڻ سبب نماز جي ادائگي ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي، عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چوڻ تي مون کي تڪليف ڏني وڃي ٿي، گهر مان ريوالونگ چيئر گهرائڻي پئي ته جيئن نماز ادا ڪري سگهان. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف پرڏيهه ۾ اثاثن جو جواب نٿو ڏئي، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدار سوالن جا جواب نه ڏيندو ته پنهنجي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.