موٽروي زيادتي ڪيس: قانوندانن جا انصاف جي نظام تي سوال

ڪراچي ( م ڊ )  موٽروي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت پاران ”فتح جو جشن“ جاري آهي پر  ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ ناهي ته پاڪستان ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڇا پيو ٿئي؟ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي وڪيل رابعا باجوده نجي ويب سائٽ کي ٻڌايو ته اها ڳالهه حتمي طور تي نٿي ڏئي سگهجي ته عابد ملهي کي ڪڏهن سزا ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قانون ته موجود آهي پر علمدرآمد جي صورتحال خراب آهي، انگن اکرن جو جائزو وٺجي ته خبر پوي ٿي ته پاڪستان ۾ اهڙن ڏوهن جي جوابدارن کي سزا گهٽ ملي آهي؟ پوليس جي نظام ۾ سڌارا نه هئڻ سبب جاچ جو نظام ناقص آهي. پنجاب يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائيڪولوجي جي سربراهه ڊاڪٽر رافعا موٽروي واقعي جي جوابدار کي سزا ملڻ ضروري آهي، ان ۾ ڪوتاهي ٿي ته اهڙي قسم جي جوابدارن کي هٿي ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.