سنڌ جا ڪاليج اين جي اوز حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين: سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ (ايس جي ايس ٽي)جي مرڪزي صدر ڪائنات ڏاهري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جنت هاليپوٽو، ڪونج لاشاري ۽ پرھ نور پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار سنڌ جي ڪاليجن کي خانگي ڀائيواري (پرائيويٽ پارٽنرشپ) تحت هلائڻ جو فيصلو ڪري غريب شاگردن جي تعليم جي رستا روڪ ڪئي آهي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جي ڪاليجن واري کاتي طرفان جاري ڪيل ڪاليجن کي خانگائڻ وارو نوٽيفڪيشن فورن واپس ورتو وڃي ۽ اڳ ۾ ئي اين جي اوز حوالي ڪيل 2300 سرڪاري اسڪولن ۽ 324 سرڪاري ڪاليجن کي فورن سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ميڊيا رپورٽن مطابق سنڌ جي ڪاليجن واري کاتي طرفان سرڪاري ڪاليج پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن جنھن جو سنڌ جي ڪاليجن واري کاتي طرفان آچر 4 آڪٽوبر تي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. جڏھن ته 2300 سرڪاري اسڪولن ۽ 324 سرڪاري ڪاليجن کي اڳ ۾ ئي اين جي اوز حوالي ڪيو ويو آھي اسين مطالبو ٿا ڪيون ته تعليمي ادارا کپائڻ جي سازش ڪندڙ تعليم دشمن ڪامورن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.