ضياءُ لنجارپاران 260 ايڪڙ بي نامي زمين خريد ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال  ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ضياالحسن لنجار جي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته نيب سکر جي جاچ ٽيم ۽ پراسيڪيوشن جي نااهلي آهي جو ٽي سال گذرڻ باوجود ريفرنس داخل نه ٿي سگهيو آهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر سکر عبيدالله ابڙو تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته هن وقت تائين ڇو ريفرنس داخل نه ٿيو آهي .نيب جي  پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ضياءُ لنجار خلاف وڌيڪ ثبوت مليا آهن جنهن ۾ جوابدار سڪرنڊ ۾ 260 ايڪڙ بي نامي زمين خريد ڪئي آهي ان جي جاچ جو عمل جاري آهي. ان ڪري جاچ ۾ وقت گهربل آهي .عدالت ضياالحسن النجارسميت ٻين جي عارضي ضمانت ۾ 16نومبر تائين واڌڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.