ٻيٽن بابت آرڊيننس رد ڪيو، سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) پ پ پاران سنڌ جي ٻيٽن بابت آرڊيننس رد ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. ٺهراءُ  پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو پاران جمع ڪرايو ويو، ٺهراءَ تي سينيٽر شري رحمان، مولا بخش چانڊيو،سڪندر منڌرو ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل آهن، ٺهراءَ تي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جي به صحيح ٿيل آهي. ٺهراءَ ۾ مطالبوڪيو ويو آهي ته ايوان ۾ سنڌ جي ٻيٽن واري معاملي تي بحث ڪري آئلينڊ اٿارٽي جي قيام کي رد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.