شهزاد اڪبر تي ويس مٽائي نيب آفيس جا چڪر لڳائڻ جو الزام

لاهور (بيورو+ م ڊ ) نواز ليگ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر تي گاڏيون ۽ ويس مَٽائي نيب آفيس جا چڪر لڳائڻ  جو الزام هنيو آهي. لاهور ۾ شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهزاد اڪبر ۾ همت آهي ته وَيس مَٽائڻ بدران سڀني جي اڳيان نيب جي آفيس وڃي، شهباز شريف جي واش روم ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳايون ويون هيون،عدالت ۾ شڪايت ڪرڻ تي ڪيمرائون هٽايون ويون، چور حڪمران اپوزيشن جي تحريڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،  حڪومت کي ڪورونا ۽ ڪرپشن پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين، گجرانوالا پي ڊي ايم جي جلسن کان اڳ ئي جلسي گاهه بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.