نواز شريف پاران لنڊن ۾ لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي، برطانوي پوليس تفصيل گهري ورتا

لنڊن ( م ڊ ) نوازشريف طرفان لاڪ ڊائون قانون جي مبينه ڀڃڪڙي تي لنڊن پوليس هڪ شهري کان تفصيل گهري ورتا.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي هڪ صارف بليو  آن بليو  گذريل  ڏينهن هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏ بائيڊپارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو.هن وڊيو تي ريڊئينٽ ميٽرو پوليس جو ڌيان ڇڪرائيندي لکيو آهي ته هي ماڻهو 6 ماڻهن جي اصول ۽ ماسڪ جي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.جنهن کان پوءِ ميٽرو پوليٽن پوليس نوٽيس وٺندي مذڪوره صارف کي چيو آهي ته هو سڌو سنئون پيغام موڪلي اسان کي  وڌيڪ تفصيل فراهم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.