سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو پورو، قانوني طورعاصم باجوه وٽ ڪو به سرڪاري عهدو نه رهيو؟

اسلام آباد(م ڊ) ليفٽيننٽ جنرل(ر) عاصم سليم باجوه  اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص معاون جي  عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر هاڻي هو سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين به ناهي رهيو، ڇو ته سي پيڪ اٿارٽي کي جنهن آرڊيننس تحت قانوني تحفظ حاصل هو اهو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، سينيئر صحافي انصار عباسي جي رپورٽ مطابق جيتوڻيڪ انتظامي لحاظ کان باجوه چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي آهي پر قانوني طور اهو ادارو بغير ڪنهن قانوني مينڊيٽ جي ڪم ڪري رهيو آهي، هن وقت ڪو به اهڙو قانون ناهي جيڪو سي پيڪ اٿارٽي جي قيام کي تحفظ ڏئي سگهي، هڪ سينيئر سرڪاري ذريعي چيو ته باجوه کي چيئرمين سي پيڪ لڳائڻ لاءِ جيڪو قانوني طريقو استعمال ڪيو ويو اهو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي جنهن سبب هن جي مقرري جائز ناهي ۽ هو ڪم جاري نٿو رکي سگهي، تازو ئي سي پيڪ جي هڪ سينيئر عملدار کي سي پيڪ تي پارلياماني ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن اجلاس ۽ مشاورت ۾ هن جي شرڪت تي اعتراض ڪرڻ تي پوئين سيٽ تي ويهاريو ويو، حڪومت پاران اهڙي ڪا به وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي ته سي پيڪ اٿارٽي جو قانون آڻڻ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، گذريل مهيني حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف بابت ڪجهه قانون منظور ڪيا پر سي پيڪ اٿارٽي کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪنهن به قانونسازي کان پاسو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.