ڪي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪارن تي خدشا آهن، حڪومت ۾ صلاحيت ئي ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( بيورو/ م ڊ) سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪارن جو ممبئي سان لاڳاپن جو شڪ ڏيکاريندي چيو آهي ته خبرن ۾ اچي پيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ممبئي مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي لڳي ٿو ته هن ڪمپني جون ڪڙيون ممبئي سان ملنديون. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾  سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي، سي اِي او ۽ نيپرا چيئرمين سميت ٻيون اختياريون پيش ٿيون. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورا ماڻهو پاڻ ۾ مليل آهن. جسٽس فيصل عرب ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪراچي ۾ بجلي جي پيداوار ڇو نٿا وڌايو؟ ڪي اليڪٽرڪ وارا چون ٿا ته 900 ميگا واٽ وڌائڻ جي درخواست نيپرا کي ڏنل آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سسٽم ۾ 900 ميگا واٽ شامل ڪرڻ لاءِ نيپرا ڇا ڪيو؟ نيپرا چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ پاڻ ئي ان خلاف عدالت کان منع نامي جو حڪم ورتو آهي. چيف جسٽس ڪي اليڪٽرڪ ايم ڊي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي هتي ئي آهي، توهان جو ڇا ارادو آهي؟ ڪراچي کي ڪڏهن بجلي ڏيندئو؟ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او ڪٿي آهي، سي اي او صاحب توهان اڃا تائين عهدي تي ئي آهيو؟ جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو اصل مالڪ ڪير آهي؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل علي ظفر ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ جا 9 ڊائريڪٽر آهن، ڪي اليڪٽرڪ سعودي ۽ ڪويتي بزنس گروپس جو ڀائيوار آهي. چيف جسٽس چيو ته نيٺ انهن گروپن پويان ٻيا گروپ به هوندا، آخر ۾ اها ڪمپني ممبئي ۾ لينڊ ڪندي، ان تي وڪيل چيو اهو درست ناهي ته اها ڪمپني ممبئي جي آهي. جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته اسان اهو ئي ٻڌو آ، آخر ۾ ڪو ممبئي وارو نڪرندو، ٻڌو آ شرما ورما نالي ڪو شخص آهي، جيڪڏهن توهان ملڪ جا سڄڻ هجو ها ته ڪراچي جو هي حال نه هجي ها، اڌ شهر بجلي نه هجڻ سبب رات جو جاڳندو آهي. هن چيو ته شهر ۾ هيٽ ويو اچي رهي آهي ۽ ماڻهن کي بجلي نه پئي ملي، جڏهن ڪمپني ممبئي مان ڪنٽرول ٿيندي ته ائين ته ٿيندو. روز مون کي ميسيج ۽ ڪالز اينديون آهن ته ڪراچي ۾ ڏينهن جو 3 ڀيرا بجلي وڃي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ وارا ڊيفالٽر آهن، انهن کي جيل موڪلڻ گهرجي، بجلي جي فراهمي بنيادي حق آهي، ڪي اليڪٽرڪ وارن تي ڳرو ڏنڊ هڻي سگهون ٿا، چيف جسٽس چيو ته جنهن جي مرضي حڪومتي ادارن جو استحصال ڪري، ڪو روڪڻ وارو ناهي، ماڻهن کي هاءِ جيڪ ڪيو ويو آهي، حڪومت ۾ صلاحيت ئي ناهي، حڪومتي ڪمزوري جو سڀ ادارا فائدو کڻي رهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته نيپرا ۽ پاور ڊويزن جي سمورن ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيون ٿا، اهڙا ملازم هئڻ جو ڪو فائدو ئي ناهي، ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي ذري جو به فائدو نه پئي ڏئي، اين ٽي ڊي سي ۽ پي ٽي ڊي سي جهڙا ادارا اربين رپيا وٺي ٻڙي سروس ڏئي رهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ ويو هلي رهي آهي پر بجلي ناهي هوندي، نيپرا ۾ ميٽنگ گوڙ سان ختم ڪرائي ويندي آهي، نيپرا چيئرمين چيو ته نيپرا ڪراچي ۾ مقابلي جي فضا قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪجهه ماڻهن جي کچڙي بڻيل آهي، انهن کي سامهون آڻڻو پوندو، اهڙي خراب صورتحال ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ وارا ڇو ايندا، شهنگائي اليڪٽرڪ وارا اچن ٿا ته انهن جا پنهنجا شرط هوندا، پوءِ رياست اندر هڪ رياست بڻجي ويندي، هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس وارو جتي بيهندو آهي اتي جو بادشاهه هوندو آهي، ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.