ڪامورن جي سستي، 80 سيڪڙو رقم خرچ نه ڪندڙ کاتن جي ٻي ٽماهي جي ترقياتي بجيٽ روڪي وئي

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ بيورو ڪريسي جي تاريخي نااهلي سبب ناڻي کاتي پهرين ٽماهي ۾ جاري ٿيندڙ رقم جو  80 سيڪڙو رقم خرچ نه ڪندڙ کاتن جي ٻي ٽماهي جي ترقياتي بجيٽ روڪي ڇڏي  آهي جڏهن ته پرڳڻي ۾ فقط ٽي کاتا ترقياقي بجيٽ جي 80 سيڪڙو رقم خرچ ڪري سگهيا آهن،ناڻي کاتي جي دستاويزن ۽ سرڪاري ذريعن موجب سنڌ ۾ بيورو ڪريسي جي تاريخي نا اهلي سبب اڪثر کاتا مالي سال 2020/21ع جي ترقياتي بجيٽ جي پهرين ٽماهي ۾ جاري ٿيل رقم جو 80 سيڪڙو خرچ نه ڪيو آهي جن به کاتن 80 سيڪڙو بجيٽ خرچ نه ڪئي آهي ناڻي کاتي انهن سمورن کاتن جي ٻي ٽماهي جي ترقياتي بجيٽ روڪي ڇڏي آهي ۽ کاتن کي ترقياتي اسڪيمن لاءِ جاري ڪيل رقم خرچ ڪرڻ کانپوءِ ٻي ٽماهي جي رقم جاري ڪرڻ جو چيو آهي دستاويزن موجب پرڳڻي ۾ فقط ٽن کاتن اسي سيڪڙو يا ان کان مٿي بجيٽ استعمال ڪئي آهي جن ۾ خوراڪ کاتي 82 سيڪڙو،ناڻي کاتي هڪ سئو سيڪڙو ۽ ليبر کاتي پڻ هڪ سئو سيڪڙو بجيٽ استعمال ڪئي آهي جنهن ڪري ناڻي کاتي ٻي ٽماهي جي ترقياتي بجيٽ فقط ڄاڻايل ٽن کاتن کي جاري ڪئي آهي،ٻي طرف تعليم،زراعت،جهنگلي جيوت،ثقافت کاتو،صحت کاتو،گهرو کاتو،مڪاني ادارن وارو کاتو،پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ، ،پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ سميت اڪثر وڏي بجيٽ رکندڙ ۽ مک کاتن پنجاھ سيڪڙو به پهرين ٽماهي ۾ جاري ٿيل ترقياتي بجيٽ جو خرچ نه ڪيو  آهي جنهن سبب ناڻي کاتي سمورن کاتن جي ترقياتي بجيٽ روڪي ڇڏي آهي،بيورو  ڪريسي جي سُستي سان بجيٽ جي استعمال ڪرڻ سبب پراڻيون توڙي نيون ترقياتي  رٿائون شديد متاثر ٿي سگهن ٿيون،اڳتي هلي ٽي ٽماهي شروع ٿيندي پر اسي سيڪڙو بجيٽ جي استعمال نه ڪرڻ سبب وري به انهن کاتن جي بجيٽ روڪي ويندي جنهن ڪري آخري ٽماهي ۾ ترقياتي بجيٽ ليپس ٿيڻ جو خدشو آهي ، جڏهن ته سنڌ جي مک  ۽ وڏي بجيٽ رکندڙ تعليم کاتي فقط 26 سيڪڙو بجيٽ استعمال ڪري سگهيو آهي،بيورو ڪريسي جي سُست رفتاري سبب تعليم کاتي ۾ ترقياتي اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن تعليم کاتي جاري ٿيل پهرين ٽماهي جي بجيٽ پنجن اربن مان  فقط هڪ ارب 48 ڪروڙ خرچ ڪيا آهن، هوڏانهن صحت کاتي سنڌ لاءِڪورونا جي حوالي سان  خصوصي طور تي پنج ارب رپيا رکيا ويا آهن پر ناڻي کاتي پهرين ٽماهي ۾ ڪوڊ 19 ريپانس  جي نالي تي رکيل الڳ رقم پنج ارب رپين مان ٽڪو به جاري نه ڪيو آهي جڏهن ته ڄاڻايل رقم مان ٻي ٽماهي ۾ پڻ اڃا تائين  پئسا رليز نه ٿي سگهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.