ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ۾ اڄ هڙتال جو سڏ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس ذريعي مرڪز جي جبري قبضي خلاف  اڄ 14 آڪٽوبر تي پارٽي جي اعلانيل هڙتال جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ رابطن جو سلسلو جاري. ان سلسلي ۾ پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، محمد علي ابڙو ۽ سول سوسائٽي مان ذوالفقارھاليپوٽو، ضلعي قيادت جو چيمبر آف ڪامرس جي صدر فهد حسين شيخ، محمد وسيم جي، ضياءُ الدين جعفري، محمد يوسف ميمڻ، سيد ياور علي شاهه، حاجي افتخار احمد آرائين، جاويد اقبال، احسان ننگر، وهاب منشي، حيدرآباد سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي صدر سليم الدين قريشي، حاجي محمد يعقوب، شريف پنجواڻي، حسين محمد، تميز الدين، احمد بهائي ۽ شوڪت علي، قاسم آباد بزنس، قاسم آباد دڪاندار ايسوسيئيشن، سنڌ شاپ ڪيپرس ايسوسيئيشن، حسين آباد دڪاندار ايسوسيئيشن، آٽو ڀان دڪاندار ايسوسيئيشن، قاسم آباد اسٽيٽ ايجنسي ايسوسيئيشن جي ڪاروباري اڳواڻن، رحمت الله ساند، محبوب ابڙو، اصغر پنھور، وزير علي چانڊيو، نٿار احمد پنهور ۽ ٻين سان رابطا، 14 آڪٽوبر تي پنهنجي ڪاروبار کي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي، سمورن اڳواڻن طرفان هڙتال جي حمايت ۽ ڪاروبار بند رکڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.