ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 1474 رپيا، ٻيٽن تي وفاق سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت  سان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺڻ تائين ڪي به ڳالهيون نه  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪڻڪ في مڻ 1474 رپيا ۽ 100 ڪلو ٻوري جو اگهه 3 هزار 687 رپيا مقرر ڪرڻ سان گڏ  سنڌ سيلز ٽيڪس 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبائي ڪابينا آئيلينڊ اٿارٽي جي آرڊيننس کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي ان کي صوبي جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ غور ويچار کانپوءِ ڪڻڪ جو اگهه 3687.50 رپيا في 100 ڪلوگرام ٿيلهو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اهڙي ريت ايڪس مل اٽي جي قيمت 9.13 رپيا في ڪلوگرام گهٽجي ويندي.  سيڪريٽري خوراڪ ڪابينا کي بريفنگ  ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت صوبي جي ڇهن ڊويزنن ۾ ڪڻڪ جو 1.262 ايم ايم ٽي اسٽاڪ موجود آهي. هن  چيو ته مارڪيٽ ۾ اٽي جا اگهه مستحڪم آهن جيڪو في ڪلو 57 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته اٽي جي اگهه کي هيٺ آڻڻو پوندو ڇوته ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ موجود آهي تنهن ڪري اگهه هيٺ اچڻ گهرجن. خوراڪ واري وزير هري رام جي سفارش تي 16 آڪٽوبر کان فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.مڪمل بحث کانپوءِ ڪڻڪ جو اگهه بارداني سميت 3687.50 رپيا في 100 ڪلو گرام جي منظور ڏني وئي. ڪڻڪ جي نئين اشو پرائس سان اٽي جو اگهه 9.13 رپيا گهٽجي ويندو ۽ اٽي جي نئين قيمت 47.87 رپيا في ڪلوگرام تي اچي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ايڪس مل جي سطح تي اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ضلعي انتظاميه کي آگاهه ڪيو وڃي ته اهي ريٽيل سطح تي قيمتن کي ڪنٽرول ڪن. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميه کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ صوبي جي عوام کي في ڪلو  9.13 رپيا اگهه گهٽائڻ سان فائدو پهچايو وڃي.ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ ٻيٽن جو معاملو بحث هيٺ آيو ڪابينا جي ميمبرن هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ وارو تڪراري آرڊيننس واپس وٺي. ڪابينا ميمبرن چيو ته ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي جيستائين تڪراري آرڊيننس واپس نه ورتو وڃي. ڪابينا آرڊيننس کي مقامي ماهيگيرن جي حقن جي لتاڙ ڪندي صوبائي سرڪاري زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. ڪابينا ميمبرن متفقه طور تي چيو ته اسان آرڊيننس قبول نه ڪنداسين ڇاڪاڻ ته اهو صوبائي خودمختياري ۽ مقامي ماڻهن جي مفادن خلاف آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.