سنڌ ۾ او پي ڊي کي ٻيهر تالا، طبي عملي پاران سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جي ڌمڪي

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) حيدرآباد ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن، بي ايڇ يو آمريڪن ڪوارٽر ۽ آل نرسز ايسوسيئيشن پاران رسڪ الائونس جي خاتمي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي سخت احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ينگ ڊاڪٽرن ۽ پئرا ميڊيڪل عملي پاران چئني سرڪاري اسپتالن چانڊڪا ٽيچنگ، شيخ زيد چلڊرين، شيخ زيد وومين ۽ سول اسپتال جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سٽي او پي ڊي ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ميرپورخاص، سکر،  نوابشاهه، نوشهروفيروز، ڪوٽڙي، مٺي، دڙو، جوهي، ڪنب، دريا خان مري، سجاول، مٽياري، شڪارپور، مبارڪپور، خيرمحمد آريجا، ڏيپلو، ڳاڙهو، ميان صاحب، ٽنڊو آدم، ٽنڊو غلام علي، ٿاڻو بولا خان  ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪري او پي ڊي جي تالا بند ڪئي وئي. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف اڳواڻن چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۽ سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس رسڪ الائونس جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سان وڏي ناانصافي آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ وزير اعليٰ هائوس سامهون احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.