مولانا عادل جو قتل ڪيس داخل، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي ( رپورٽر+ م ڊ ) شاهه فيصل ڪالوني ۾ مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ ان جي ڊرائيور جي قتل جو ڪيس 3 ڏينهن کانپوءِ داخل ڪيو  ويو، جڏهن ته قتل جي جاچ لاءِ ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ جي سربراهي ۾ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي.تفصيل موجب شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي شمع شاپنگ سينٽر ويجهو 10 آڪٽوبر تي فائرنگ ڪري شهيد ڪيل مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ ان جي ڊرائيور مقصود احمد جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او شاهه فيصل ڪالوني انسپيڪٽر سڪندر خان جي مدعيت ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ قتل جا قلم 34/302 ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. فريادي ايس ايڇ او جي ايف آءِ آر ۾ ڏنل بيان موجب مددگار 15 کي 7 لڳي 45 منٽن تي فون  جي ذريعي اطلاع ملي ته شمع شاپنگ سينٽر شاهه فيصل ڪالوني ۾ هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي آهي.اطلاع تي ايس ايڇ او سرڪاري ملازمن سان گڏ موبائيل تي واقعي واري هنڌ پهتو ته هڪ شخص حافظ طحه صديقي جيڪو پوليس ۾ ملازم آهي ۽ شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي جو هيڊ ڪانسٽيبل وقار ٻڌايو ته بينڪ الحبيب ويجهو شمع شاپنگ سينٽر جي سامهون گاڏي نمبر اي سي بي 348 ٽويوٽا ويگو رنگ سلور تي 7 لڳي 40 منٽن تي 3 جوابدار جنهن مان هڪ شلوار قميض ۽ ٻن کي ٽي شرٽ پاتل هئي. پسٽل سان فائرنگ ڪئي ۽ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي ويهي فرار ٿي ويا جنهن جي سامهون اچڻ تي سندن سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. هوڏانهن پوليس ذريعن موجب  ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي کي منتقل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.