مولانا عادل جو قتل، ڪراچي ۾ جمعي تي هڙتال جو سڏ

ڪراچي ( م ڊ ) علماءَ ڪميٽي مولانا عادل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي جمعي ڏهاڙي سموري ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳواڻن  واپارين، سياسي تنظيمن ۽ ٽرانسپورٽرز کي به هڙتال ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. عالمي پاران جاري ڪيل بيان موجب مولانا عادل جي صورت ۾هڪ عظيم شخصيت کان محروم ٿيا آهيون پر 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته فرقيوراريت پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته هيل تائين هڪ به عالم جي قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، اسان کي ڪهڙي حڪومت انصاف ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.