غداري ڪيس واپس وٺو، ايم ڪيو ايم جو ڪابينا ۾ مطالبو

اسلام آباد ( م ڊ ) ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا جي اجلاس  ۾ پارٽي قيادت مٿان داخل غداري جا ڪيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم سان واڳيل وفاقي وزير امين الحق پارٽي اڳواڻن تي غداري ڪيس داخل ڪرڻ وارو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو. امين الحق چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت تي 2015 ۾ 28 غداري جا ڪيس داخل ٿيا، ڪنور نويد جميل، عامر خان، وسيم اختر ۽ منهنجي خلاف غداري جا ڪيس ٺاهيا ويا. هن چيو ته اسان حڪومت جا اتحادي آهيون ان باوجود غداري جا ڪيس داخل آهن، ن ليگ اڃا اپوزيشن جي پارٽي آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت جي تقريرن تي داخل ڪيل غداري ڪيس واپس ورتا وڃن. وزيراعظم عمران خان گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کي هدايت ڪئي ته معاملو حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.