ڪياماڙي ضلعي ۾ 13 ٿاڻا شامل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر)  سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾  ستون ضلعو ڪياماڙي بڻائڻ بعد ضلعي ۾ پوليس نظام قائم ڪرڻ  جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب گهرو کاتي طرفان ڪياماڙي ضلعي ۾ 13 ٿاڻا قائم ڪرڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ 8 ٿاڻا پراڻي ضلعي اولهه مان کنيا ويندا جڏهن ته 5 ٿاڻا سٽي ضلعي مان کنيا ويندا، ذريعن موجب ثاڻن جي حد بندين جي حوالي سان گهرو کاتو جي منظوري بعد سائوٿ زون ٻن ضلعن کان وڌي ٽن ضلعي تائين ٿي ويندو، ذريعن موجب ڪراچي جي اولڊ  سٽي ايريا مان کنيل پنج ٿاڻن ۾ جيڪسن، ڪي پي ٽي، ماڙي پور،ڊاڪس ۽ موچڪو شامل هوندا جڏهن ته  ضلعي اولهه مان کنيل 8 ٿاڻن ۾ شير شاهه، پاڪ ڪالوني، بلديا ٽائون، سعيد آباد، اتحاد ٽائون، ،مدينه ڪالوني سائيٽ اي، سائيٽ بي، ٿاڻا نئي ضلعي جي حد ۾ اچي ويندا، ڪياماڙي ضلعي جي پوليس ڊانچي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِگهرو کاتو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.