سيٺارجا ويجهو گهر تي حملو، پيءُ ٻن نوجوان پٽن سميت قتل، ناري اغوا

سيٺارجا (علي نثار آرائين ) سيٺارجا ويجهو هٿياربندن گهر تي حملو ڪري پيءُ ۽ سندس ٻن نوجوان پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن گهرن کي پڻ باهه ڏئي ڇڏي، هڪ ناري اغوا، جيڪا وجهه واپس وٺي واپس پهچي وئي. واقعي جو نه ڪيس داخل ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. گذريل رات دير سان سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙ سهتو ۾ 6 کان وڌيڪ هٿياربندن در محمد ناريجو جي گهر تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. گوليون لڳڻ سبب گهر ڌڻي در محمد، سندس 22 ورهين جو شادي شده پٽ عمران علي ۽ 12 ورهين پٽ مبين ناريجو موقعي تي مارجي ويا، جنهن بعد جوابدارن گهر کي پڻ باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب گهر ۾ پيل تقريبن 5 لک روپيه روڪ رقم ، سونا زيور، گهريلو سامان سميت ڪجهه چوپايو مال سڙي ويو. جوابدار مقتول نوجوان عمران علي جي ٻي گهر واري سدرا ڀٽو کي پڻ يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ کڻي ويا جنهن کي ڪجهه پنڌ تي واقع روهڙي ڪئنال ۾ اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ناري وجهه ۽ اوندهه جو فائدو وٺي قبضي مان فرار ٿي واپس موٽي آيو. ان ڏس ۾ مقتولن جي وارث گهر جي اڪيلي بچي ويل نوجوان گلشاد ٻڌايو ته سندس والد ۽ ٻن ڀائرن کي گمبٽ تعلقي جي رپڙي واري علائقي جي ڳوٺ رضل ناريجو جي رهواسي مائٽن زمين ۽ سڱاوتي تڪرار تان حملو ڪري گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدار ڪافي وقت کان قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هيا ٻي طرف گهر سڙي وڃڻ سبب بچي ويل خاندان کليل آسمان هيٺ اچي ويو آهي. هوڏانهن مقتول پي ۽ سندس ٻن پٽن جا لاش ميرواهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جن کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو هيو نه وري ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

گهر تي حملو منهنجي والد ڪيو: مقتول نوجوان جي گهرواري

سيٺارجا: فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويل مقتول عمران جي پهرين گهرواري چيو آهي ته گهر تي حملو سندس پيءُ ڪيو، جيڪو ڏوهاري آهي ۽ روپوش آهي.  هن ٻڌايو ته سندس  پيءُ غلام رسول جيڪو تر جو بدنام ڏوهاري آهي، اهو عمران سان سندس شادي بعد ناراض هو ۽ اڪثر ڌمڪيون ڏيندو رهندو هو، گهرڌڻين کي قتل بعد گهر کي باهه ڏني وئي ۽ اسان جو ڪجهه ناهي پيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.